22 اڱارو , آگسٽ 2017

برطانيه ۾ اليڪشن جي منظوري ملندي ئي چونڊ مهم شروع ٿي وئي

Thresameلنڊن (ويب ڊيسڪ): اليڪشن جي منظوري ملندي ئي برطانيه ۾ چونڊ مهم جي به شروعات ٿي وئي آهي، برطانوي وزيراعظم ٿريسامي بولٽن ۾ ريلي کي خطاب ڪندي پهرين کان به وڌيڪ مينڊيٽ سان واپس اچڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي، ٿريسامي جو چوڻ آهي ته مڙس سان ويلز ۾ واڪنگ هاليڊيز دوران اوچتو چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، عام چونڊن جي فيصلي بعد ملڪه برطانيه سان ملي کيس فيصلي کان آگاهه ڪيو، سندس چوڻ هو ته جلد اليڪشن منعقد ڪرڻ سان بريگزٽ جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ٿيندو، برطانيه کي ڊگهي مدي لاءِ استحڪام حاصل ٿيندو ۽ مختلف هنڌن تي وڃي ماڻهن سان ملڻ ترجيح هوندي، واضح رهي ته ٿريسامي اليڪشن کان اڳ ٽي وي مباحثي ۾ حصو نه وٺندي، ٻئي طرف برطانيه جي مخالف ڌر جماعتن به چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، ليبار پارٽي جي ليڊر جرمي ڪاربن لنڊن جي علائقي ڪرائيڊن ۾ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ٿريسامي هيلٿ ڪيئر ۽ تعليم بابت چونڊ واعدا پورا نه ڪيا ۽ مباحثي ۾ شرڪت کان به لنوائي رهي آهي، سندس چوڻ هو ته چونڊون فيصلو ڪنديون ته ملڪ ۾ امير ئي امير تر ٿيندو يا ٻين طبقن کي به ترقيءَ جو حق ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جاسي الزام ۾ قيد پاڪستاني ارشد محمد کي آزاد ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ): ڀارت جاسوسي الزام ۾ قيد پاڪستاني ارشد محمد کي آزاد ڪري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي