20 اربع , جون 2018

ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي جاچ ڪندڙن کي 17 اجتماعي قبرون ملي ويون

Congoبرازاولي (ويب ڊيسڪ): گڏيل قومن جي جاچ ڪندڙن کي آفريڪي ملڪ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو ۾ وڌيڪ 17 اجتماعي قبرون مليون آهن، اهڙيءَ ريت جمهوريه ڪانگو ۾ ملندڙ اجتماعي قبرن جو انگ 40 تائين پهچي ويو آهي، اهي اجتماعي قبرون ان علائقي مان ملي رهيون آهن، جتي ملڪي فوج ۽ مقامي مليشيا وچ ۾ هٿياربند چڪرين جا واقعا پيش آيا هئا، گڏيل قومن موجب اهي اجتماعي قبرون حڪومتي فوجين طرفان کوٽيون ويون هيون، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ اڃا جاري آهي ۽ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طالبان سربراهه ملا فضل الله کي ڪنڙ ۾ ئي دفنائڻ جو انڪشاف

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ افغان ۽ آمريڪي فوج جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے