23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

جي آءِ ٽي بڻائڻ نواز شريف کي ڀڄڻ جو رستو ڏيڻ آهي: اعتزاز احسن

Aitzazاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته جي آءِ ٽي بڻائڻ نواز شريف کي ڀڄڻ جو رستو ڏيڻ برابر آهي، اعتزاز احسن اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻن سينئر ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، باقي 3 ججز ان راءِ جي ترديد نه ڪئي، معاملو موخر ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ٻن سينئر ججز جي راءِ سپريم ڪورٽ جي راءِ سمجهي سگهجي ٿي، اڪثريتي فيصلي ۾ نظريه ضرورت جي ڌپ اچي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف کي سياست مان بي دخل ڪرڻ جي سازش ٻيهر ناڪام ٿي وئي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف کي سياست …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي