20 ہفتہ , جنوری 2018

فوڪس نيوز جي مشهور اينڪر بل اوريلي کي نوڪري مان ڪڍيو ويو

Anchor orelyنيويارڪ (ويب ڊيسڪ): فوڪس نيوز جي مشهور ترين اينڪر بل اوريلي کي نوڪري مان ڪڍيو ويو، کيس جنسي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ نوڪري مان فارغ ڪيو ويو، بل اوريلي چوي ٿو ته معاملو عدالتي ڪارروائي جي نالي تي کانئس رقم ڦٻائڻ جي ڪوشش لڳي ٿو، فوڪس نيوز جي سڀ کان مشهور پروگرام جي مشهور اينڪر کي جنسي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، ڪمپني جي پڌرائي موجب بل اوريلي تي الزام جي تفصيلي جائزي بعد کيس نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، اينڪر ۽ ڪمپني ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته بل اوريلي فوڪس نيوز چينل تي واپس نه ايندو، بل اوريلي 21 سالن کان فوڪس نيوز سان واڳيل رهيو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کيس سٺو ماڻهو قرار ڏنو ۽ سندس حمايت ڪندي چيو هيو ته کيس استعيفيٰ نه ڏيڻ گهرجي، ان کان اڳ بل اوريلي ۽ فاڪس نيوز 5 عورتن سان معاملا عدالت کان ٻاهر طئي ڪري ڇڏيا هئا، بل اوريلي جو چوڻ هو ته 20 سال ۾ فوڪس نيوز ۾ ڪنهن هڪ ماڻهو به مون خلاف شڪايت نه ڪئي، معاملو کانئس عدالتي ڪارروائي جي نالي تي رقم ڦٻائڻ جي ڪوشش لڳي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر يورپ ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي، 8 ڄڻا اجل جو شڪار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اتر يورپ جي ملڪن ۾ شديد طوفان جي نتيجي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے