21 منگل , نومبر 2017

پاناما جي فيصلي سان عوامي مسئلا حل نه ٿيندا: مصطفيٰ ڪمال

Mustafaڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاناما جي فيصلي سان عوامي مسئلا حل نه ٿيندا، فيصلي سان عام ماڻهو کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. جي آءِ ٽي ڪراچي ۾ بڻجي ها ته وزير اعظم سڀ مڃي ها. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزير اعظم جي رهڻ ۽ نه رهڻ سان ڪو به فرق نه پوندو. پاناما جو فيصلو جيڪو به اچي ان سان عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا. هن چيو ته پاناما جي فيصلي کي مڪمل پڙهڻ کان پوءِ پنهنجو موقف ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته عوامي مسئلن جو حل اڄ کپي، ڪيسيتائين پاناما جي فيصلن کي ڏسندا رهنداسين، حقيق پسندي تي ٻڌل موقف 24 ڪلاڪن کان پوءِ ايندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے