21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

پاناما فيصلو ” پڳ ڪري پئي پر عزت بچي وئي“ واري ڳالهه آهي: مولا بخش چانڊيو

Mola Bux Chandioڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته پاناما جو فيصلو ” پڳ ڪري پئي پر عزت بچي وئي“ واري ڳالهه آهي ڇو ته ملڪ جو وزير اعظم هاڻ ماتحت ادارن جي سامهون پيش ٿيندو. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي  جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري مولا بخش چانڊئي ڪيس جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ فيصلو ناهي ٻڌايو بلڪ ڪيس وڌيڪ هلندو. ملڪ جو زير اعظم هاڻ ماتحت ادارن جي سامهون پيش ٿيندو ان ڪري اخلاقي طور تي نواز شريف کي وزير اعظم نه رهڻ گهرجي ۽ ليگي وزير مٺايون ورهائي رهيا آهن جيڪا شرم جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي وزير اعظم تي عدم اعتماد آهي، ٻن ججن جو نااهلي وارو نوٽ لکڻ وزير اعظم جي لاءِ شرم جي ڳالهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي حملي جو سبب پوليس جي سستي هئي: آءِ جي پنجاب

لاهور(ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب عارف نواز جو چوڻ آهي ته سري لنڪن ٽيم تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي