28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

عوامي آوازرپورٽ|لالورائنڪ: لوڊ شيدنگ ۽ گرمي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

لعلورائنڪ توڙي ان جي ڀرپاسي ۾ هڪ طرف گرمي ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف وري سيپڪو عملدارن به ماڻهن کي گرمي ۾ مارڻ کان وسان ڪين گهٽايو آهي.

پيچوها فيڊر تي هلندڙ لعلورائنڪ، وڳڻ، پيچوها، قائم خان، ڊنگل ماڇي، ٿيٻا، جعفراڻي، ياروديرو، فتح ماڇي، حسين ماڇي، ورند ماڇي سميت 150 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ رهندڙ 2 لک جي لڳ ڀڳ آبادي کي بجلي جي هٿرادون لوڊشيڊنگ ڪري تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 ھٿرادو لوڊشيڊنگ سبب 24 ڪلاڪن مان صرف 2 کان 3 ڪلاڪ بجلي مهيا ڪئي پئي وڃي. جنهن جي ڪري شهرن توڙي ڳوٺن ۾ بجلي تي هلندڙ ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي. لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ ماڻھن جو ساهه مٺ ۾ آھي. درزي ، واڍا، اليڪٽريشن ، هيلرن ۽ آئيس فيڪٽرين تي ڪم ڪندڙ مزدور پڻ بيروزگار بڻيل آهن. بجلي جي اهڙي خطرناڪ بحران سبب ٻار توڙي ٻڍا دڪاندار توڙي واپاري ذهني مريض بڻجي ويا آهن. گرمي جي شدت ۽ بجلي جي بحران سبب بازارون ويران بڻجي ويون آهن. ۽ ڪاروبار سخت متاثر ٿي ويا آهن.

اهڙي صورتحال جي ڪري شهر جا سمورا تعليمي ادارا پڻ سخت متاثر ٿيا آهن . ڏٺو ويو آهي ته بجلي نه هجڻ جي جي ڪري شاگردن جي اٽينڊنس اڌ کان به گهٽجي وئي آهي.ان ڏس ۾ اسڪول جي سينيئر استاد عبدالباري ٻوهيو عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ سولر سسٽم نه هجڻ جي ڪري گرمي سبب رسيس کان پوءِ شاگرد اسڪول اچڻ لاءِ تيار ناهي استاد پڻ سخت متاثر ٿين ٿا.

لعلورائنڪ ۽ ڀرپاسي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عوام سيپڪو جي اعليٰ اختيارين کي هٿرادو لوڊشيڊنگ واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-04-27-21h20m46s255

عوامي آواز: رپورٽ: ڪراچي : ناڪارا پبلڪ ٽرانسپورٽ مسافرن جي پريشاني جو سبب بڻيل آهي

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي