27 خميس , جولاءِ 2017

عوامي آواز رپورٽ |بدين: پاڻي جي کوٽ ،فصل سڪي ويا،چوپايو مال اڃ مرڻ لڳو

بدين ۾ آبپاشي عملدارن جي لاپرواهي سبب زرعي توڙي پئيڻ جي پاڻي جي بحران ڪر کنيو آهي جنهن ڪري هڪ طرف فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ته  ٻئي طرف وري  چوپايو مال  پااڃ مري رهيو آهي.شاخن تي مقرر بيلدار مبينا طور پاڻي ورڪرو ڪرڻ ۾ رڌل آهن جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي.ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب بدين جي شاخن تي غيرقانوني موٽر لڳائي پاڻ حاصل ڪيو پيو وڃي،

ھن وقت سڀ کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ وھڻائي شاخ ۾ آھي جنھنڪري آبادگارن کي پنھنجي واري جو پاڻي به نه ٿو ملي زرعي پاڻي ته بند آھي پر پيئڻ جو پاڻي به بند ڪيو ويو آھي آبادگارن پاران احتجاج به ڪيا ويا پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو

 وهڻائي شاخ جي آبادگارن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آهي ته کين پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جئين سندن کيت ساوا رهن………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|افغانستان ۾ دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون موجود آهن: اعزاز چوڌري

آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن جون محفوظ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي