21 منگل , نومبر 2017

ٻه سينئر ججن چئي ڇڏيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو: آصف زرداري

Zardari

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته منهنجي نظر ۾ وزيراعظم کي اخلاقي طور تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي، جيڪو سپريم ڪورٽ نه ڪري سگهي اهو ڇا وزيراعظم جي ماتحت 19 گريڊ جا آفيسر ڪندا، هن پاناما ڪيس جي فيصلي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته نواز شريف جو بيان ڇا ٿاڻي ۾ ورتو ويندو يا آفيسر وزيراعظم هائوس وڃي وٺندا؟، پيپلز پارٽي ۽ قوم کي انهن ججن کان ڪڏهن به انصاف ناهي مليو، اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اسان عمران خان کي چيو هو ته اسان سان گڏ اچ، قانون بڻائي سپريم ڪورٽ ۾ هلون ٿا پر ان اسان جي ڳالهه نه مڃي، ناتجربيڪار آهي، ان کي خبر ناهي هتي ججز ڪيئن انصاف هلائيندا آهن، آصف زرداري چيو ته اڄ پاڪستان ۾ انصاف ۽ جمهوريت جو نقصان ٿيو آهي ۽ پاڪستاني عوام کي دوکو ڏئي بيوقوف بڻايو ويو آهي، هن چيو ته جيڪا ڳالهه اسان جي سامهون آئي آهي ان تي اسان جو تجزيو اهو آهي ته سينئر ججن بهترين فيصلو ڏنو آهي، جڏهن ته جونيئر ججن جي اڪثريت عوام سان مذاق ڪئي آهي، ٻه سينئر ججن چئي ڇڏيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين ناهي رهيو، پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين جو چوڻ هو ته اڄ دنيا کي خبر آهي ته نواز شريف، شريف نه آهي، جيڪڏهن پاڪستان نواز شريف جي هٿ ۾ محفوظ ناهي ته عمران خان جي هٿ ۾ به محفوظ ناهي، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کان مايوس ٿيس، منهنجي نظر ۾ ته عمران خان نواز شريف کي بچائي ورتو، جيڪڏهن اعتزاز احسن عدالت ۾ بيهي دليل ڏئي ها ته ٻي ڳالهه هجي ها، آصف زرداري اميد جو اظهار ڪيو ته مولانا فضل الرحمان کان ه اميد ٿا ڪريون ته نواز شريف کي ڇڏي اسان وٽ ايندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے