22 جمعو , سيپٽمبر 2017

اسنيپ چيٽ صارفن جي لاءِ نئين سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي

Snape Chartواشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اسنيپ چيٽ ورلڊ لينسس جي ذريعي پنهنجي مشهور فيس فلٽرز ۾ جديد آپشن پيش ڪيو آهي جنهن تحت تصوير کي آگمينٽينڊ ريئلٽي سان سجائي سگهجي ٿو. اسنيپ چيٽ جي هن نئي آپشن ۾ بيڪ ڪيئميرا  کي استعمال ڪندي اسڪرين تي نئي ٿري ڊي لينسس جو آپشن ڏنو ويو آهي جنهن ۾،بادل گل،وڻ درياءٌ،۽ ٻيون تصويرون ۽ ٻيا آپشن ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ته ڪوبه لينس پسند ڪرڻ کان پوءِ اڱر جي مدد سان تصوير يا ويڊيو ۾ ڪنهن به جاءِ تي  لڳائي سگهجي ٿو. جڏهن توهان هن شي کي تصوير يا ويڊيو ۾ رکندو ته اها پاڻ  ان منظر جو حصو بڻجي ويندي ۽ ائين لڳندو ته اها جاءِ شروع ۾ ئي موجود هئي.’

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيس بڪ نوٽيفڪيشنز مان جان ڇڏائڻ لاءِ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

سليڪان ويلي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان به فيس بڪ وال تي ايندڙ نوٽيفڪيشنز کان پريشان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي