26 جمعو , مئي 2017

عوامي آواز |نيوز بليٽن

36 ٻڌڻين،25 هزار دستاويزن ۽ دليلن جو نتيجو ڇا نڪرندو ؟

ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪيس جو فيصلو ڪجهه دير کانپوءِ

سپريم ڪورٽ ٻاهران سڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت

15 سئو پوليس اهلڪار مقرر،ڪنڊيدار تارون به لڳايون ويون

سڀ کان وڏي فيصلي جو سڀني سياسي جماعتن کي انتظار

ڪيس جو فيصلو ڪهڙو به اچي،چونڊون 2018ع ۾ ئي ٿينديون

ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جي ضرورت ناهي:خواجا سعد رفيق

تحريڪ انصاف کي نواز شريف جي عهدي تان محروم ٿيڻ جي اميد

نواز شريف کي ماڻهو ٻن ڏينهن کانپوءِ وساري ڇڏيندا:شيخ رشيد

پاناما فيصلي کانپوءِ پنجاب کي پرامن رکڻ لاءِ سڪيورٽيءَ پلان جاري

آءِ جي پنجاب صوبي ۾ سڪيورٽيءَ هاءِ الرٽ رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪم جاري رکڻ جي هدايت

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 26 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ جاري

سينٽ چيئرمين سينيٽر طلحه محمود کي ضمني سوال پڇڻ کان روڪي ڇڏيو

چيئرمين صاحب توهان ڪنهن جي عزت ناهيو ڪندا

مان ايوان مان واڪ آئوٽ ٿو ڪيان:سينيٽر طلحه جا رضا رباني کي ڏوراپو

سنڌ ۾ سخت گرميءَ جو راڄ برقرار،سج اڄ به نيزي پانڌ لٿل

ڊگهي لوڊشيڊنگ ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون

مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-05-26-14h28m25s026

عوامي آواز | ” بلوچن قيادت سان بلوچستان ۾ سنڌين جي قتل متعلق ڳالهائي سگهجي ٿو، اسان جتي به موقعو ملندو آهي ته بلوچن جي قومي معاملن تي پڻ ڳالهائيندا آهيون“، :پروگرام اڄ جو سوال

” ڪڏهن به ڪنهن بلوچ سنڌ جي حقن جي ڳالهه نه ڪئي آهي، اها هڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي