21 سومر , آگسٽ 2017

عوامي آواز بريڪنگ نيوز |36 ٻڌڻين،25 هزار دستاويزن ۽ دليلن جو نتيجو ڇا نڪرندو ؟

 36 ٻڌڻين،25 هزار دستاويزن ۽ دليلن جو نتيجو ڇا نڪرندو ؟

پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت ملڪ جي سڀ کان وڏي پاناما ڪيس جو فيصلو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي،ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران سڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي ،15 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن،جڏهن ته رينجرز کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي،،

ڪيس جو فيصلو ڪهڙو به اچي،پر چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون،ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جي ضرورت ناهي،،اهو چوڻ آهي ريلوي  واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو..

جڏهن ته تحريڪ انصاف نواز شريف جي عهدي تان محروم ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪري ڇڏي آهي،،ااوهان کي ٻڌائيندا پيا هلون ته ملڪي سياست ۾ زلزلو آڻيندڙ پاناما ڪيس جو فيصلو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويندو،،ان حوالي سان اسان تجزيو معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي،، سينيئئر صحافي ڊاڪٽر قاسم راڄپر سان،،

پاڪستاني جي سياست ۾ ڀونچال آڻيندڙ پاناما ليڪس بابت ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت فيصلو ڪجهه دير بعد ٻڌائيندي،،سياسي ماحول انتهائي گرم ويو آهي،،پنجاب ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ سڪيورٽيءَ هاءِ الرٽ رکي وئي آهي،،جڏهن ته سپريم ڪورٽ ٻاهران به سڪيورٽيءَ انتهائي سخت ڪئي وئي،،ان حوالي سان اسان تجزيو معلوم ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي،،سينيئر صحافي ڊاڪٽر ايوب شيخ صاحب سان،،ڊاڪٽر صاحب،،پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي،،سڪيورٽيءَ هاءِ الرٽ رکي وئي آهي،،سياسي ماحول به گرم ٿي ويو آهي،،ڇا ٿا سمجهو ڇا ٿيڻ وارو آهي…………………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز:نيوز بليٽن ستون 2017-08-20

اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته پاناما فيصلو خدشن باوجود قبول …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي