26 اربع , جولاءِ 2017

عدالت جي فيصلي کي ڪارڪن صبر سان قبول ڪندا: نهال هاشمي

Nihalاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ نهال هاشمي چيو آهي ته عدالت جي فيصلي کي ڪارڪن صبر سان قبول ڪندا، ڳالهين واري اجلاس ۾ نيوز ليڪس بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي هئي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نهال هاشمي چيو آهي ته ڳالهين واري اجلاس ۾ عوامي مسئلن ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ٿيون هيون، نيوزليڪس بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي هئي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم وڏي صبر ۽ برداشت سان ڳالهين کي ٻڌندو آهي، وزيراعظم نوازشريف صبح 8 وڳي ڪم تي اچي ويندو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو آيو، ان کي ڪارڪن قبول ڪندا. ن ليگ اڳواڻ چيو ته مشاورتي اجلاس ۾ عوامي مسئلن ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. نهال هاشمي چيو ته مشاورتي اجلاس ۾ نيوز ليڪس بابت ڪي به ڳالهيون نه ٿيون هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجا سعد رفيق پيٽرول ريل ذريعي سپلاءِ جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق سڄي ملڪ ۾ پيٽرول بحران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي