19 جمعہ , جنوری 2018

پاناما فيصلي بعد تنقيدي سياست ڪندڙ پنهنجي موت پاڻ مري ويندا: راڻا مشهود

Rana Mashoodلاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا مشهود چيو آهي ته پاناما فيصلي بعد تنقيدي سياست ڪندڙ پنهنجي موت پاڻ مري ويندا، منفي سياست جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، پاڪستان جو عوام نوازشريف سان گڏ آهي. لاهور ۾ پاناما ڪيس بابت ڳالهائيندي راڻا مشهود چيو ته چور دروازي کان اقتدار ۾ ايندڙن جا خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام نوازشريف سان گڏ آهي،  منفي سياست جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته نوازشريف قانون جون سموريون گهرجيون پوريون ڪيون آهن، تنقيدي سياست جو خاتمو اچڻ گهرجي. راڻا مشهود چيو ته پاناما فيصلي بعد تنقيدي سياست ڪندڙ پنهنجي موت پاڻ مري ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے