23 منگل , جنوری 2018

اڄ مخالفن جي منهن جي هميشه جي لاءِ سيمينٽ لڳي ويندو: عابد شير علي

Abudاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته  اڄ مخالفن جي منهن جي هميشه جي لاءِ سيمينٽ لڳي ويندو. مخالفن جو ڪم ئي الزام هڻڻ آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته عدالت اخبار تراشين تي سزا ناهي ڏيندي جڏهن ته اڄ نواز شريف جي سچ جي ڪاميابي ٿيندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف گذريل 8 مهينن کان ڪوڙ پئي ڳالهائي ۽ عدالت ڪنهن به دباءُ ۾ ناهي. هو ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن جڏهن ته اسان اڄ شڪر جو ڏهاڙو ملهائينداسين ۽ سپريم ڪورٽ ٻاهران الله کي سجدو ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به نواز شريف جي حڪومت ايندي آهي ته مخالفن کان ملڪ جي ترقي برداشت ناهي ٿيندي. ڪرپشن جو ايواڊ جيڪڏهن ڪنهن کي مليو ته اهو آصف زرادري هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن جي گارنٽي ڏيڻ فوج جو ڪم ناهي، هڪ سيڪنڊ اڳ به حڪومت نه ڇڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته چونڊن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے