23 آچر , جولاءِ 2017

نواز شريف اڄ به وزير اعظم آهي ۽ فيصلي کان پوءِ به رهندو: شهباز شريف

Shahbaz Sharffقصور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف اڄ به وزير اعظم آهي، پاناما فيصلي کان پوءِ به وزير اعظم ئي رهندو. قصور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شرف پاناما کان پوءِ به وزير اعظم ئي رهندو، سڀني کي خبر آهي ته نواز شريف جو ڪردار ڪيترو صاف آهي، قانون اسان کي سيکاري ٿو ته مهذب قومون فيصلا مڃنديون آهن، نواز شريف ٽيون ڀيرو ملڪ جي خدمت ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلو آئين ۽ قانون جي موجب ايندو، پاناما ڪيس جو فيصلو ڇا ايندو اهو رڳو خدا جو ڄاڻي ۽ پاناما ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چوڌري نثار سمجهدار سياستدان آهي، مشوري جي ضرورت ناهي: جاويد هاشمي

ملتان (ويب ڊيسڪ): سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته چوڌري نثار کي منهنجي مشهري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي