27 ڇنڇر , مئي 2017

سکر ۾ 9 سالن جي نينگري جو 45 سالن جي شخص سان نڪاح، گهوٽ گرفتار

Childسکر(ويب ڊيسڪ) سلطان پور ۾ 9 سالن جي نينگري جو 45 سالن جي شخص سان نڪاح ڪرايو ويو جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي نينگري جي والد، گهوٽ ۽ نڪاح خوان سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ورتو آهي. ايس ايس پي امجد شيخ موجب پني عاقل جي ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع مليو ته سلطان پور جي علائقي ۾ 9 سالن جي معصوم نينگري جو نڪاح 45 سالن جي شخص عبدالباسط سان ڪرايو ويو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪئي وئي. پوليس ٻارڙي کي بازياب ڪرائي گهوٽ، نينگري جي والد ۽ نڪاح خوان سميت واقعي واري هنڌ موجود 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 3 جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Police

ڪراچي: پوليس جي مختلف ڪارروائين ۾ 5 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروائيون ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي