23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

اڄ پاناما ڪيس جو فيصلو، ڪنهن فيصلي جو انتظار ناهي: وزيراعظم

PM Nawazاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جو فيصلو اڄ منجهند 2 وڳي ڪندي. ان سلسلي ۾ ڪاز لسٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ فيصلي جو انتظار وڌي ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بئنچ ۾ جسٽس اعجاز افضل، جسٽس گلزار احمد، جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل آهن. لارجر بئنچ 26 ٻڌڻيون مڪمل ڪرڻ بعد 23 فيبروري تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. جسٽس آصف سعيد جي سربراهي ۾ بئنچ 4 جنوري کان ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي هئي. جسٽس عظمت سعيد جي بيمار ٿيڻ بعد بئنچ ڪجهه وقت ٻڌڻي روڪي جنهن بعد 15 فيبروري کان ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي هئي. پاناما اسڪينڊل اچڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، عوامي مسلم ليگ، جمهوري وطن پارٽي ۽ طارق اسد ايڊووڪيٽ درخواستون  داخل ڪرايون. جنهن بعد عدالت وزيراعظم نواز شريف وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صاحبزادي مريم نواز، ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر، پٽن حسين ۽ حسن نواز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا. گذريل  سال آڪٽوبر ۾ سپريم ڪورٽ بئنچ جوڙي ٻڌڻي شروع ڪئي پر  چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي ڊسمبر ۾ رٽائرمينٽ سبب جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ ٻيو بئنچ جوڙيو ويو. پاناما بابت عدالت ۾ 26 هزار دستاويز جمع ڪرايا ويا. وائيس آف آمريڪا موجب 99 سيڪڙو دستاويز اڻ لاڳاپيل ۽ ردي جي ٽوڪري ۾ وجهڻ جهڙا هئا. وزيراعظم ۽ سندس پٽن تي آف شور ڪمپنين جو انڪشاف ٿيو. پاناما ۾ سڄي دنيا ۾ ملڪن جي سربراهن ۽ سياستدانن جون آف شور ملڪيتون ظاهر ٿيڻ تي ٿرٿلو مچي ويو هو. برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪئمرون ۽ آئس لينڊ جي وزيراعظم کي عهدي  تان هٿ ڌوئڻا پيا. فيصلو محفوظ ڪرڻ دوران جسٽس آصف سعيد چيو هو ته هن ڪيس جو مختصر فيصلو نه ايندو پر تفصيلي فيصلو ڪيو ويندو ۽ مناسب وقت تي ايندو. 20 سال بعد به ماڻهو چوندا ته هي فيصلو قانون موجب هوندو. هوڏانهن پاناما فيصلي سبب سپريم ڪورٽ جي سيڪيورٽي سخت ڪندي 500 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. رينجرز جي واڌو سيڪيورٽي مقرر ڪئي ويندي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ طرفان اڄ پاناما ڪيس جي فيصلي جي اعلان سان گڏ ئي حڪمران جماعت مسلم ليگ نواز مخالف فيصلو اچڻ جي صورت ۾ وقت کان اڳ چونڊن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڊان سان ڳالهيون ڪندي ن ليگ جي اندرين ذريعن چيو ته اعليٰ عدالت جي فيصلي سان وزيراعظم تي اثر پوڻ جي صورت ۾ هلندڙ سال وقت کان اڳ چونڊن جي حوالي سان قيادت بحث ڪري رهي آهي. جڏهن ته ن ليگ جو ٻيو گروپ وقت کان اڳ چونڊن جو مخالف آهي ۽ پارٽي کي وزيراعظم نواز شريف جي تبديلي طرف وڃڻ گهرجي. فيصلو جيڪو به اچي اسان کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. 0229

اسلام آباد (م ڊ+اي پي پي) وزيراعظم نواز شريف چيوآهي ته ڪنهن فيصلي جو انتظار ناهي، اسان کي عوام فيصلن جي انتظار لاءِ نه ڪم ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي، آئون پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ ڪم ڪندو رهندس، اڄ جيڪو به فيصلو انشاءَالله بهتر ايندو. عام چونڊون وقت تي 2018ع ۾ ٿينديون. وزيراعظم چيو ته سنڌ صوبي ۾ وڃڻ اسان جو حق آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن سنڌ ۾ ڪم ناهي ڪيو ته انهن کي نتيجن جي لاءِ به تيار رهڻ گهرجي، اسان جي سياسي مخالفن کي به پورو حق حاصل آهي ته هو پنجاب سميت جتي وڃڻ چاهين وڏي شوق سان وڃن، عوام اسان جي ڪارڪردگي ڏسي رهي آهي ۽ ٻين جو به ڪم عوام جي سامهون آهي. مسلم ليگ (ن) هميشه ڪارڪردگي جي بنيادن تي ووٽ حاصل ڪيا آهن ۽ آئنده به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪنداسين. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي مسلم ليگ (ن) سنڌ جي تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف پارٽي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو عوام سان مسلسل رابطي ۾ رهن ۽ سنڌ ۾ عوام جي حمايت حاصل ٿي رهي آهي. وزيراعظم سنڌ جي شهرن جي خراب حالت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ ڪو به ڪم ناهي ڪيو. سينيٽ ۾ قائدايوان راجا ظفر الحق، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ريلوي وارو وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جو گورنر محمد زبير، وزيراعظم جو صلاحڪار ڄام مشعوق علي، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين مفتاح اسماعيل، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي، مريم نواز، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ، مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر بابو سرفراز  خان جتوئي، مسلم ليگ (ن) سنڌ جو نائب صدر شاهه محمد شاهه، سينيٽر نهال هاشمي، سيد اياز علي شاهه شيرازي، راجا خليق الزمان انصاري، اسلم ابڙو، سورٺ ٿيٻو ۽ ٻيا اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.0230

ڀڪي (شيخوپوره) (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان کي اونداهين مان ڪڍڻ، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ عالمي دنيا ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اونداهين ۾ ڌڪيندڙ ۽ لوڊشيڊنگ جا ذميوار اڄ احتجاج جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، کين شرم اچڻ گهرجي، انهن جو پوکيل فصل اڄ اسان لُڻي رهيا آهيون، اونداهين ۾ ڌڪيندڙن کان سوال ڪرڻ گهرجي، ٻئي طرف سياسي ڄامڙا ڪوڙ ڳالهائين ٿا، ڌرڻا هڻن ٿا ۽ بي بنياد الزام هڻن ٿا پر چونڊون هارائي وڃن ٿا، موجوده حڪومت ملڪ کي دهشتگردي، انتهاپسندي، توانائي جي کوٽ سميت درپيش چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏئي رهي آهي ۽ پاڪستان مشڪلاتن مان نڪري رهيو آهي، جون 2018ع تائين اٽڪل 10 هزار ميگاواٽ بجلي نظام ۾ شامل ٿيندي، اسان جي نظر 2018ع تي نه پر ايندڙ 25 سالن جي ترقي تي آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي شيخوپوره ويجهو ايل اين جي سان هلندڙ 1180 ميگاواٽ جي ڀڪي پاور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته جيڪڏهن پنجاب جو وڏو وزير ڀڪي پاور پلانٽ جي منصوبي تي ذاتي طور تي نگراني نه ڪري ها ته شايد ان ۾ به 15 سال لڳي وڃن ها.0230

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضيٰ ڪيس خارج ۽ بينظير ڪيس دير سان هلايو ويو:غنويٰ ڀٽو

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ) پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنوي ڀٽو چيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي