25 اڱارو , اپريل 2017

سنڌ سرڪار رينجرز کي اختيار نه ڏنا ته متبادل آپشنز تي غور ڪنداسين: چوڌري نثار

chaudhry nisarڪراچي (م ڊ) سنڌ رينجرز سنڌ حڪومت جي اهم عمارتن۽ هنڌن جي حفاظت ڪرڻ وارن حڪمن کي قانون جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪراچي جي واپارين، سياسي ۽ مذهبي پارٽين رينجرز کي اختيار نه ملڻ جي صورت ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. رينجرز سنڌ حڪومت جي ان نوٽيفڪيشن تي اعتراض واريا آهن جنهن ۾ سي ايم، گورنر هائوس، لياري ٿاڻن، اهم شاهراهن، رستن، عبادتگاهن ۽ ٻين هنڌن  جي حفاظت رينجرز جي ڊيوٽي قرار ڏني وئي هئي. رينجرز جو موقف آهي ته ان نوٽيفڪيشن مان لڳي ٿو  رينجرز کي پوليسنگ جا اختيار ڏنا ويا آهن پر آئين جي شق 147 تحت رينجرز پوليس جون ذميواريون نڀائي نه ٿي سگهي. اهڙو اختيار نه آهي. هوڏانهن ڪراچي جي واپارين ۽ سني تحريڪ رينجرز اختيارن جي بحالي لاءِ 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏيندي  چيو آهي ته اختيار نه ڏنا ويا ته  احتجاج ڪيو ويندو. سني تحريڪ جي اڳواڻن مبين قادري، فهيم شيخ، شهزاد قادري، طيب قادري، محمد شاهد غوري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ادارن جي تذليل پئي ڪري. جو رينجرز جا اختيار خيرات جيان ڏيندي آهي. جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.  حڪومت 72 ڪلاڪن ۾ اختيار نه ڏنا ته واپارين سان گڏجي احتجاج ڪيو ويندو ۽ واپارين جي ڪراچي کي ٽن سالن لاءِ فوج حوالي ڪرڻ واري مطالبي جي حمايت ڪئي ويندي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي ڪربلا بڻائي ڇڏيو آهي. ڪي فور منصوبو چئن سالن ۾ مڪمل ٿيندو ۽ ان وقت پاڻي جي طلب وڌي چڪي هوندي. حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي. 1129

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت سنڌ ۾ رينجرز کي اختيار نه ملڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته اختيار نه ڏنا ويا ته متبادل آئيني ۽ قانوني آپشنز تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته سنڌ حڪومت چيو آهي ته اختيار ڪابينا جي صلاح کانپوءِ ڏنا ويندا. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته سنڌ سرڪار رينجرز کي پنهنجي گارڊز طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ رينجرز ڪا پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپني ناهي جو ان کي وي آءِ پي سيڪيورٽي تي لڳايو وڃي. سنڌ حڪومت جو رينجرز کي محدود اختيار ڏيڻ جو اشارو قانون خلاف آهي. ڪنهن به قانون کي انتظامي آرڊر ذريعي محدود نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ رينجرز کي اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. رينجرز کي دهشتگردي ٽوڙ اختيار نه ڏيڻ ۾ نٽايو نه وڃي. رينجرز جي ڪارڪردگي ۽ ان جي قربانين کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. اختيارن ۾ توسيع نه ٿي ته متبادل جو سوچينداسين. هر ٽن مهينن کانپوءِ رينجرز کي تڪراري بڻايو وڃي ٿو. ٻئي طرف سنڌ حڪومت چوڌري نثار جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار هڪ بيان ۾ چيو ته سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار ڏيڻ کان انڪار ڪڏهن ڪيو آهي. قانون موجب اختيار ڏينداسين. ان لاءِ حڪومت ڪابينا کان اجازت وٺڻ جي پابند آهي ۽ ڪابينا جو اجلاس 21 اپريل تي طلب  ڪيو آهي. رينجرز ۽ پوليس گڏجي ڪارروايون ڪنديون آهن. ان تي سياست نه ڪئي وڃي. رينجرز 520 ڪيس رپورٽ ڪيا ۽ انهن ۾ پوليس جي مدد حاصل ڪئي وئي. هن چيو ته وفاق 16 جولاءِ تائين رينجرز کي سنڌ ۾ رهڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو آهي. امن لاءِ رينجرز گڏيل قربانيون ڏنيون آهن. اسان ڪابينا جي صلاح کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪنداسين. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuwaja Asif

خبر آهي ته پ پ ۽ چوڌرين ۾ ڪيترو وزن آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي