17 آچر , ڊسمبر 2017

اڄوڪو فيصلو حقيقت تي ٻڌل هوندو، اڄ اهم ترين ڏينهن آهي: نعيم الحق

Naeem Al Haqاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته اڄوڪو فيصلو حقيقت تي ٻڌل هوندو، حڪومتي قدم رڳو اشتهارن تائين محدود رهيا. ميڊيا سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڄ پاڪستان جي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي، حڪومتي دعوائن باوجود ملڪ ۾ ڪا به بهتري نه آئي آهي. هن چيو ته 30 اربن جي اشتهاردن ۾ رڳو ٻه ڀائرن جون تصويرون لڳل هيون، عوام کي اندازو ٿي چڪو آهي ته حڪمران طبقي کي رڳو پنهنجن مفادن جو خيال آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن کي غرور ۽ تڪبر کان نڪري پنهنجي ڪالر ۾ ڏسڻو پوندو هنن عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجون ملڪيتون ٺاهيون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماءِ لارڊ ڇا توهان جو بابا واٽس ايپ ڪالز به ڪندو هو؟ مريم نواز جو ثاقب نثار جي تقرير تي طنزيه ٽويٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيف جسٽس آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے