28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

پاناما مان وڏيون اميدون ناهن، هاڻي نواز جو فون به نه کڻندس: آصف زرداري

Untitled-6 copyاسلام آباد (م ڊ) پ پ پاناما ڪيس جي فيصلي کانپوءِ گرينڊ اپوزيشن الائنس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته سمورين اپوزيشن جماعتن سان رابطا ڪيا ويندا. اسان کي پاناما مان وڌيڪ اميدون ناهن. هوڏانهن آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪمران جمهوريت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اسان کي ته هميشه عدالتن کان شڪايت رهي آهي. ميان صاحب کي ڪا ڳالهه مڃڻ جي عادت ناهي. حڪمران شهنشاهه بڻجي پارليامينٽ هلائي رهيا آهن.؟ ايڪسپريس ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته حڪمرانن کي سياسي شهيد ٿيڻ نه ڏنو. کين ڌرڻن ۾ سپورٽ ڪندو. هيستائين کڻي آيو آهيان. هن چيو ته حڪمران نااهل آهن. حڪومت نه پيا هلائي سگهن. ن ليگ حڪومت کي وقت کان اڳ چونڊن تي مجبور ڪري سگهون ٿا. هاڻي نواز شريف کي ضرورت به پئي تڏهن به سندس فون نه کڻندس. هن چيو ته سنڌ مان ايم اين اي جي چونڊ وڙهندس. ملڪ خاطر عمران خان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. حسين حقاني غدار آهي. اقتدار ۾ آياسين ته کيس سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

Murad shah

ڪراچي ۾ پ پ جو” گو نواز گو“ ڌرڻو، حق ملڻ ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ تائين احتجاج جاري رهندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي پاران وفاق جي ناانصافين خلاف ڪراچي ۾ قائد اعظم جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي