27 خميس , جولاءِ 2017

فيصلو رياست ڪمزور يا مضبوط ڪري سگهي ٿو: خورشيد شاهه

Khurshed shahاسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پاناما ڪيس جو هڪ ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪرڻ گهرجي. ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن پاناما ڪيس تي ايندڙفيصلي تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته جسٽس منير کان جسٽس انوارالحق تائين سمورين ڪورٽن جي فيصلن تي جيڪو به رد عمل آيو اهي حالتون ٻيون هيون تنهن هوندي به اسان تاريخ کي ڏسون ته منهنجو ويزن گهڻو صاف آهي، فيصلو رياست کي ڪمزور به ڪري سگهي ٿو ۽ مضبوط به ڪري سگهي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ قومي اسيمبلي ميمبر اسد عمر چيو آهي ته پاناما ڪيس جو جيڪو به فيصلو آيو ان کي قبول ڪنداسين.0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

چوڌري نثار هوڏ تي قائم، پريس ڪانفرنس تان هٿ کڻڻ کان انڪار، نظرثاني لاءِ مهلت طلب

اسلام آباد (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف وفاقي گهرو وزير چوڌري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي