28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

قومي اسيمبلي ۾ لوڊشيڊنگ تي تنقيد، 2017ع ۾ به بحران جاري رهندو: وفاقي سرڪار

Sindh Assemblyاسلام آباد (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي تازي بحران جو سبب اپريل ۾ غير معمولي گرمي پد پيدا ٿيڻ آهي، 2200 ميگاواٽ جا پاور پلانٽس سالياني مرمت جي لاءِ بند هئا، اسان کي اميد نه هئي ته اپريل ۾ گرمي پد ان حد تائين وڌندو، تنهن هوندي به پهرين مئي تي بند پلانٽ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا ان کانسواءِ وڌيڪ بجلي به سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. 31 ڊسمبر 2018ع کان پهرين 6400 ميگاواٽ نئين بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ عبدالستار بچاڻي جي گهريلو، واپاري صارفين ۽ ان جي ڪاروبار کي متاثر ڪندڙ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته گذريل 10 کان 15 ڏينهن کان بجلي جو بحران آهي، هن وقت 2700 ميگاواٽ بجلي جي گهرج ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان کان غلطي ٿي آهي، اسان کي اهي پلانٽ مرمت جي لاءِ تمام گهڻا پهرين بند ڪرڻ گهربا هئا اوچتو گرمي وڌڻ سان هي مسئلو پيدا ٿيو آهي، هن چيو ته 6400 ميگاواٽ نئين بجلي 31 ڊسمبر 2018ع تائين سسٽم ۾ اچي ويندي،  ايندڙ سال فيبروري ۾ نيلم، جهلم ۽ تربيلا فور منصوبن مان به بجلي اچڻ شروع ٿي ويندي. هن چيو ته قائداعظم سولر پارڪ بهاولپور ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور جا پلانٽس به سسٽم ۾ آيا آهن يا اهي ضايع ٿي ويا آهن ان تي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير چيو ته نندي پور پاور پلانٽ اڳوڻي حڪومت جو ئي منصوبو هو، ملڪ ابرار احمد چيو ته لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو ٻاهر اچي ويندا، شهر يار آفريدي چيو ته ٽرانسميشن، ڊسٽري بيوشن ۽ بجلي جي پهچ جي انتظامي صلاحيت انتهائي ڪمزور آهي، پنهنجي ڪمزورين جو ازالو عوام کان نه ورتو وڃي، حاجي غلام احمد بلور چيو ته 18 هين ترميم تحت صوبن کي هي حق ڏنو ويو آهي ته اتي جي وسيلن تي پهرين حق اتي جي عوام جو آهي، اسان جي صوبي ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي اسان جي صوبي جي عوام کي ڏني وڃي.0230

هي به ڏسي سگهو ٿا

Murad shah

ڪراچي ۾ پ پ جو” گو نواز گو“ ڌرڻو، حق ملڻ ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ تائين احتجاج جاري رهندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) پيپلز پارٽي پاران وفاق جي ناانصافين خلاف ڪراچي ۾ قائد اعظم جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي