21 منگل , نومبر 2017

مشعال قتل تي عدالتي ڪميشن نه ٺاهڻ جو حڪم، بدترين سانحو آهي، مذمت لاءِ لفظ ناهن: سپريم ڪورٽ

supreme court of pakistan logoاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي جي شاگرد مشعال جي قتل بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران پشاور هاءِ ڪورٽ کي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ کان روڪي ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جڏهن معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي ته خيبر پختون خوا جو وڏو وزير وضاحت ڪري ته هن پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪميشن بڻائڻ جي درخواست ڇو ڏني. ججن چيو ته مردان يونيورسٽي جو واقعو بدترين سانحو آهي ۽ اسان وٽ ان جي مذمت ڪرڻ لاءِ لفظ نه آهن. ڪنهن کي به جاچ ٽيم جي ڪم تي اثرانداز ٿيڻ يا پوائنٽ اسڪورنگ جي اجازت نه ڏني ويندي. جاچ ٽيم ۾ ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کي ڇو شامل نه ڪيو ويو آهي. ڪي پي ڪي جي آءِ جي صلاح الدين محسود چيو ته ڪيس جي 80 سيڪڙو جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ جلد ئي چالان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. هن عدالت کي اپيل ڪئي ته قتل بابت سوشل ميڊيا تي شايع ٿيندڙ مواد کي روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي پر عدالت ڪو به رد عمل نه ڏنو. عدالت ڪيس بابت هفتيوار بريفنگ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آءِ جي عدالت کي درخواست ڪئي ته ماتحت عدالت ۾ ڪيس جلد هلائڻ جي هدايت ڪئي وڃي. چيف جسٽس چيو ته فڪر نه ڪريو سڄي عدالت ۽ قوم توهان سان گڏ آهي، ڪيس ۾ پورو انصاف ٿيندو. ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي وقار بلور چيو ته ڪيس جي 28 جوابدارن مان 24 گرفتار آهن، ٻين لاءِ ڪوششون جاري آهن. ايمانداري سان جاچ جاري آهي. آءِ ايس آءِ نه آءِ بي جا ماڻهو جاچ ۾ شامل آهن. جسٽس عمر عطابنديال چيو ته واقعي ۾ اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته ان قتل جي پويان شاگردن کان سواءِ ڪهڙا ماڻهو ملوث آهن ۽ واقعو ڇو ٿيو، ان لاءِ انٽيليجنس جي ضرورت پوندي، ان لاءِ لاڳاپيل ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ نه ٿا چاهيون پر جاچ جي پوري نگراني ڪئي ويندي. عدالت آءِ جي کي پاڻ جاچ ڪرڻ جو چيو ته آءِ جي وراڻيو جاچ مڪمل ٿيڻ واري آهي. هوڏانهن مردان پوليس جوابدار اسحاق کي گرفتار ڪيو ويو آهي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے