27 ڇنڇر , مئي 2017

باگڙجي لڳ ڪڻڪ نه ڏيڻ تي اهلڪارن جو آبادگار تي تشدد، بيهوش، ايس ايڇ او معطل

Untitled-4 copyسکر(رپورٽر) باگڙجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحمت جتوئي ۾ ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن چڙهائي ڪري آبادگار نصرت جتوئي کان ڪڻڪ جون ڀريل ٻوريون گهريون سندس انڪار ڪرڻ تي اهلڪار مڇرجي کيس ڏنڊن، سرڪاري هٿيارن جي قنداقن سان وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڊوڙائي ڊوڙائي بيهوشي واري حالت ۾ پوليس موبائل ۾ اڇلائي ڪڻڪ سان ڀريل ٽريڪٽر ٿاڻي تي ڪاهي ويا، واقعي بعد اهلڪارن ڳوٺاڻن کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪوبه شاهد بڻيو يا احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي  هاف فرائي ڪيو ويندو، واقعي کانپوءِ خوف ۾ ورتل معصوم ٻارڙن پوليس ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، سندن چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان پوليس ڏوهارين خلاف  ڪارروائي جي آڙ ۾ ڳوٺاڻن جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، جانور ڪاهڻ، آبادگارن جي فصل تيار ٿيڻ بعد زبردستي ڪڻڪ کڻي وڃڻ کي پوليس اهلڪارن معمول جو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن جي آواز کي ايوانن ۽ عدالتن تائين پهچڻ نٿو ڏنو وڃي، هينئر جيڪي به واقعا پيش آيا آهن انهن خلاف کين قانوني مدد ۽ انصاف فراهم ناهي ڪيو ويو، عورتون، ٻارڙا گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن پوليس اهلڪار نوجوانن کي ۽ مردن کي ڳولهي کڻي وڃن ٿا، اعليٰ عدالتون ۽ وزيراعليٰ نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪري، ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر امجد شيخ جو چوڻ آهي ته تشدد واري واقعي بعد ايس ايڇ او امداد لاشاري کي معطل ڪري ڊي ايس پي روهڙي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو آهي، هن جو چوڻ هو ته پوليس روپوش جوابدار حضورو خروس جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي جنهن تي سندس ساٿين کيس ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، حضورو مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهي.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

Untitled-4 copy

بجيٽ ۾ غريبن کي رليف ڏنو ويو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته بجيٽ جي تياري ۾ غريبن تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي