24 ڇنڇر , جون 2017

وزير اعظم ليگي ڪارڪنن کي سپريم ڪورٽ اچڻ کان روڪي ڇڏيو

Nawazاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. وزير اعظم نواز شريف ليگي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ نه اچن، وزير اعظم ليگي ڪارڪنن کي شاهراهه دستور تي به اچڻ کان منع ڪيو آهي. ٻئي پاسي پاناما ڪيس جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي ۽ ريڊ روز ۾ عام ماڻهن جي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.  سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي فيصلي جي لاءِ عمران خان سميت تحريڪ انصاف جي 15 اڳواڻن کي پاس جاري ڪيا آهن جڏهن ته شيخ رشيد 18 ماڻهن جي پاسن جي درخواست ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطر سعودي اتحاد جي مطالبن کي نامناسب قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) قطر سعودي اتحاد جي مطالبن کي نامناسب قرار ڏئي رد …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي