25 آچر , جون 2017

مذهب دوستي جي آڙ ۾ جهالت، تنگ نظري ۽ انسان دشمني جي مزاحمت ڪريو، پليجو

Untitled-2 copyڪراچي (رپورٽر) ملڪ جي نامياري دانشور ۽ سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجي ڪالهه سوشل ميڊيا تي سڄي قوم لاءِ هيٺيون پيغام جاري ڪيو آهي. ناچاڪي جي حالت ۾ قوم کي مناسب رستو ٻڌائيندي هن چيو آهي ته ”سنڌي ماڻهو کي راڄ ڀاڳ ۽ مذهب دوستي جي آڙ ۾ جهالت، تنگ نظري ۽ انسان دشمني جي کڏ ۾ ڪيرائي، انهن سان حيواني  وارو سلوڪ جاري رکڻ لاءِ نت نون جنترن، منترن ۾ ڦاسايو پيو وڃي. انهن حرڪتن کي غيرت ۽ مذهبي دوستي جا لقب ڏنا پيا وڃن. انهي بدسلوڪي جي سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ لازم آهي ته سمورا مناسب ۽ معقول انسان دوست احتياط اختيار ڪيا وڃن. جهڙوڪ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي ۽ غير مذهبي انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ وڏن ماڻهن جا ڏهاڙا ملهايا وڃن. سائنسي پروگرام ڪيا وڃن. اسٽڊي سرڪل هلايا وڃن. ڪتابي ميلا لڳايا وڃن ته جيئن انتهاپسندي کي روڪي سگهجي، سنڌي نياڻيون پڙهايون وڃن. بند پيل اسڪول کوليا وڃن. سرندي وارا ماڻهو غريب ٻاررن کي پڙهائڻ لاءِ مالي سهائتا ڪن. سمورن باشعور دوست اديبن، شاعرن، دانشورن، صحافين ۽ ترقي پسند ماڻهن کي گذارش آهي ته روشن خيالي وارا پروگرام منعقد ڪن. عوامي تحريڪ جي ساٿين سميت سمورن روشن خيال دوستن کي هدايت ٿي ڪجي ته سموري سنڌ ۾ تعليمي، ادبي، ثقافتي ۽ قومي ڪانفرنسون ڪرايون وڃن. سنڌ جي سمورن ادارن ۾ نياڻين کي داخل ڪرايو وڃي. نياڻي جي پڙهيل هجڻ ڪري سڄو خاندان پڙهي وڃي ٿو. سنڌ ۾ سڌريل معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ پڙهيل ماءُ جي ضرورت آهي. تنهن ڪري نياڻيون پڙهايون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪيپٽن صفدر کان جي آءِ ٽي جي 5 ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم نواز شريف جو ناٺي ۽ مريم نواز جو مڙس ڪيپٽن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي