30 اڱارو , مئي 2017

اسلام آباد ايئرپورٽ تي اهلڪارن جو عورتن تي تشدد:سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو

Supreem Courtاسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هوائي اڏي تي ٻن عورتن تي ايف آءِ اي اهلڪارن جي تشدد واقعي جو سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس ورتو آهي، جڏهن ته گهرو وزير شفٽ انچارج کي معطل ڪندي ايئرپورٽ تي مقرر ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کان جواب گهريو آهي. بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي تشدد جي نئين ويڊيو منظر عام تي اچي وئي، جنهن ۾ ايف آءِ اي اهلڪارن کي عورتن تي تشدد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ناروي ويندڙ ٻن عورتن جي ڏند چڪ بعد ايف آءِ اي اهلڪار غزالا شاهين مٿن تشدد ڪيو. ويڊيو بعد شاهين کي معطل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺندي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ سيڪريٽري ايوي ايشن کان ٽن ڏينهن ۾ جواب گهري ورتو آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khurshed Shah

نواز ۽ عمران گڏ نااهل ٿيندا: خورشيد شاهه

اسلام آباد (م ڊ) مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته حالتون ٻڌائي رهيون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي