22 جمعو , سيپٽمبر 2017

سول سوسائٽي اردو يونيورسٽي جي وي سي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Untitled-1 copyڪراچي (رپورٽر ) سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ انتظامي بحران جي ذميوار وائيس چانسلر کي برطرف ڪيو وڃي. ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ايڇ آر سي پي اڳواڻ اسد اقبال بٽ، پائلر اڳواڻ ڪرامت علي ۽ ناووڪميونٽيز جي اڳواڻ فرحت پروين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ انتظامي بحران وڌي ويو آهي. بحران جي خاتمي لاءِ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سليمان ڊي محمد کي عهدي تان برطرف ڪيو وڃي ۽ وي سي جي عهدي تي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي کي فعال ڪيو وڃي. هنن الزام هڻندي چيو ته ڄاڻايل وائيس چانسلر نه صرف انتظامي پر تعليمي ۽ مالي بحران ڏانهن پڻ يونيورسٽي کي ڌِڪيو آهي. استادن جي کوٽ جي ڪري تعليمي اداري ۾ سنڌي، سماجي بهبود، خاص تعليم ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام بند ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ پي ايڇ ڊي پروگرامن لاءِ استاد نه هجڻ سبب پروگرام اڃا شروع ئي ناهن ڪيا ويا. هنن چيو ته ڊاڪٽر سليمان ڊي محمد جي پي ايڇ ڊي واري ڊگري کي پڻ ايڇ اي سي ڪوڙو قرار ڏئي چُڪي آهي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي پڻ کيس عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪري چُڪي آهي. سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته مطالبن جي حل لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن خلاف به انتقامي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن جيڪي فوري طور تي بند ٿيڻ گھرجن.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضيٰ ڪيس خارج ۽ بينظير ڪيس دير سان هلايو ويو:غنويٰ ڀٽو

ميرپور ماٿيلو (ن ع آ) پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنوي ڀٽو چيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي