30 اڱارو , مئي 2017

مذهبي انتهاپسندي: نورين کان مشعال تائين !!

شهباز  پيرزادو

تاريخ جي دريءَ مان جهاتي پائبي ته معلوم ٿيندو ته انسان جڏهن ترقيءَ جي منزل تي نه پهتو هو جڏهن هو اڃان بيڪار رسمن جي چنبن مان نڪتو ئي ڪونه هو، جڏهن هو انسان جي اعليٰ اخلاقي قدرن کان ئي روشناس نه ٿيو هو، تڏهن انسان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ، انسان جي صحي معنيٰ  ۾ انسان ٿيڻ لاءِ ڪن مهذب ماڻهن مذهب ٺاهيا، جيڪڏهن ڪو مذهب جي حقيقي وصف کي سمجهي ته هو ته انسان جي  پيار محبت جو درس ڏئي ٿو ، دنيا جي مڙني مذهبن جو متن ئي اهو آهي ته هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي هاڻي جيڪو فلسفو انسان جي قتل مان خوش نه آهي مطلب ته هو انسان دوست ٿيو نه ..

ماضي جي دريءَ کي هڪ پل لاءِ کڙڪي ڏئي ٿورو حال تي نظر وجهون ٿا ته وڏا وڏا مذهبن جا رکوالا انسان جي رت پيئڻ لاءِ آتا نظر ٿا اچن، هو معصومن کي به ڪونه ٿا بخشن پر عورت جنهن کي اسان جي معاشري ۾ ”ست قرآن“ تسليم ڪيو ويندو آهي پر هو ته ان عورت جي عظمت جو به تقدس پائمال ڪرڻ ۾ رڌل آهن

پر ڇا کين خبر ناهي ته دنيا ۾ ڪٿي ۾ انسان کي ماري ، چيري ۽ چچري پنهنجي ڳالهه مڃائڻ وارا سڀ اصول خاڪ ٿي ويا آهن ، انسان ڪڏهن به اوهان جي فرسوده نظام جي حمايت نه ڪندو  ڇاڪاڻ  ته هو آزاد ڄائو آهي ، آزاد رهڻ سندس فطرت ۾ شامل آهي ۽ آزاد رهڻ واري ماڻهو کي دنيا جي ڪا به طاقت پنهنجي هٿيار جي زور تي قبضي ۾ نه ڪري سگهي آهي ..

جڏهن مذهب انسانذات جي ڀلائي لاءِ ٺهيل آهن ته پوءِ اڄ پوري دنيا ۾ اهي ساڳيا ئي مذهب خطري جي گهنٽي ڇو ثابت  ٿيا آهن . اڄ دنيا پنهنجي سموري سماج مان مذهبي انتهاپسندي کي نيڪلائي ڏيڻ ۾ ڇو رڌل آهي ؟؟ تازي ٿيل آمريڪي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي جو سبب به هڪ ئي هو جو هو پنهنجي تقريرن ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف آواز اٿاري رهيو هو، آمريڪي اخبار موجب اهو به چيو ويو هو ته ٽرمپ نه ته ڪو سياسي ذهن جو مالڪ آهي ۽ نه ئي کيس حڪومت هلائڻ جي ڪا سگهه پر پوءِ به سندس ڪاميابي مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اڄ دنيا جي سڌريل سماجن جا رهواسي مذهبي انتهاپسندي کي انسان دشمن قرار ڏئي رهيا آهن ۽  مذهبي انتهاپسندي خلاف آواز اٿاريندڙ کي پنهنجو حقيقي ليڊر سمجهي رهيا آهن ..

مذهبي انتهاپسنديءَ جو اثر دنيا کان ٿيندو هاڻي سنڌ ۾ به هاڻي زور وٺڻ لڳو آهي. ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي صوفي جي درگاهه قلندر لال شهباز تي رومي جي رقص ۾ محو پانڌئيڙن کي رت ۾ لت پت ڪيو ويو ، انسانيت جي دشمنن ڌمال جي سرمستي کي ڄاتو ئي ڪونه پر رت جي پياسن اتي ڌمال هڻندڙ ڪيترن ئي سنڌ جي نوجوان پٽن کي رت وهنجاري ڇڏيو تان جو ضلعي جي سموري اانتطاميا به لاش صحي وقت تي کڻي به ڪونه سگهي سلسلو قلندر جي درگاهه کي رت سان وهنجارڻ تي ختم نه ٿو ٿئي ، پر هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ ورسٽي ۾ ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي هڪ پروفيسر محترم جبار لغاري جي ڌيءَ  لمس ورسٽيءَ جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نورين لغاري کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن جي اغوا ٿيڻ بعد سندس فيس بڪ اڪائوٽ تان نورين جي ڀاءُ ڏي ميسيج آيو آهي ته مان خلافت جي سرزمين تي پهچي چڪي آهيان، اوهان پريشان نه ٿيو هڪ نه هڪ ڏينهن اوهان کي به  خلافت جي سرزمين تي اچڻو آهي .

نورين لغاري جي اوچتو گم ٿيڻ ۽ سندس ان ميسيج مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا شدت پسند ٽولا سنڌ جي ورسٽن ۾ پڙهندڙ سنڌ جي روشن مستقبل کي به اونداهي ۾ آڻڻ گهرن ٿا، هو چاهين ٿا ته سنڌ جي صوفي سوچ جو قتل ڪري اتي انسانيت دشمني جو ٻج پوکيو جيڪو اڳتي هلي پوري دنيا لاءِ ناسور بڻجي وڃي ۽ سنڌ پنهنجي اصل مهين جي دڙي واري شناخت وڃائي ويهي پر کين شايد اها به ڪل ناهي ته سنڌ اندر صوفي ازم جو پاڙون ايتريون ته اونهائي ۾ کتل آهن جن کي اوهان جو بمڪر برٽر بم به ڪجهه ڪونه ٿو ڪري سگهي ..

مذهبي انتهاپسند صرف سنڌ اندر پنهنجو پاڙون ڄمائڻ ڪونه ٿا گهرن پر هنن جو مقصد پورو خطو جنهن جو تازو مثال مرادن ورسٽي جي شاگرد مشعال جو بي درديءَ سان قتل آهي . توهين رسالت جي الزام هيٺ قتل ٿيل مشعال جا وارث اوهان جي وڏين ڏاڙهين کي ڏسڻ شرط ڇا هاڻي چوندا ته هي مومن آهن يا هي الله جا نيڪ ٻانهان آهن پر مشعال جي قتل کان پوءِ سندس سڄي فيملي هاڻي فطرتي طور تي اوهان کان پري ڀڄندي، جيڪڏهن اوهان جي انسانن ۾ امن ڀائچارو پيدا ڪرڻو آهي ته پوءِ ان وسيلو اوهان هٿيار کي ڇو ٿا بڻايو هٿيار سان ويتر اوهان پاڻ ۽ پنهنجي دين کي ڪمزور ڪري رهيا آهيو  ان جو اندازو اوهان ان مان لڳايو ته اڄ مشعال جي قتل تي سڄي دنيا افسوس ۾ آهي ۽ سندس خون جو ازالو ڪرڻ لاءِ سوچي رهي آهي ۽ سنڌ سميت پوري خطي کي ورسٽن ۾ پڙهندڙ شاگرد طبقو اوهان ۽ اوهان جي عمل کي حقارت جي نظر سان ڏسي رهيو آهي جيڪا اوهان جي فتح نه پر هار چئبي .. .

جيڪڏهن اڄ پوري دنيا ان ناسور مان پنهنجي جان آجي ڪرڻ گهري ٿي ته ان جنگ ۾ اسان جي خطي جي به مڙني انسان دوست ماڻهن کي شامل ٿيڻو پوندو  ،  مشعال ۽ نورين سان انصاف ان جنگ ۾ سمايل آهي جيڪا جنگ دنيا جوٽي ڇڏي آهي .

سنڌ جي آزاد خيال صوفي صفت انسان کي پنهنجي حق پي آفاقي پيغام تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي  سنڌ جي صوفي سوچ جي وڌيڪ وائکو ڪرڻ جي گهرج آهي ڇو جو جڏهن هڪ نظام کان بغاوت ڪبي آهي ته پنهنجي ماڻهن جي ان نظام جي متبادل صحي نظام مُهيا ڪبو آهي اسان جو صحي نظام اسان جو صوفي ازم ئي آهي، اسان جو صحي نظام پنهنجي ديس جي عظيم شاعرن ۽ مفڪرن جو پيغام ئي آهي جنهن کي وائکو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ جڏهن اهو اسان جو صحي نظام هر ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻجي ويندو ته ڪا به نورين ڪو به مشعال انهن انسان دشمن ماڻهن جي گولي جو کاڄ نه بڻبو ۽ اسان جو ديس هڪ خوشحال ۽ محبت ڀرئي نظام سان گڏ ترقيءَ جي منزل ڏانهن وک کڻندو …

سو مان هن ليک وسيلي پوري خطي جي سلجهيل ۽ دانشور طبقي کي  چوان ٿو ته اچو ته پنهنجي خطي مان هٿيارن جي  بالادستيءَ سان انسانيت جو قتل ڪندڙ ڌرين کي پنهنجي صوفي سوچ ۽ فڪر جي وسيلي تڙي ڪڍون، سڀاڻي ائين نه  ٿئي ته ڪا اسان جي نورين اسڪول ، ڪاليج ۽ ورسٽن جي اعليٰ تعليم پرائي نه سگهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جا سڀ مشعال تعليمي ادارن اندر بي درديءَ سان ماريا وڃن ۽ پوءِ ويٺا اسان پٽون ۽ پار ڪڍون، هن وقت پنهنجي نورين ۽ مشعال جي اعليٰ مستقبل جو مسئلو آهي ۽ انهن جو مستقبل اسان جي خطي جو مستقبل آهي، جيڪڏهن اسان سڀ اهو چاهيون ٿا ته اسان جو خطو روشن مستقبل سان گڏ هڪ خودمختيار ۽ پنهنجي مرضيءَ تحت زندگي گذاري ته پنهنجن پنهنجي علائقن ۾ انهن جي هٿيار بندن گروهن سان مد مقابل ٿيو ۽ پنهنجو لطيف سرڪار ۽ سچل سرمست وارو پيغام کڻي پوري خطي اهو واضع ٻڌايو ته

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

شيخي پيري بزرگي، بيحد ڀلايا

ڪن نوڙي نمازرون پڙهيون ڪن مندر وسايا

اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق جي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊرون جهڙي بجيٽ۽ سنڌ جو عوام

صاحب خان ڀٽي وفاقي سرڪار نئين مالي سال جي بجيٽ جو اعلان ڪري هڪ مهانگائي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي