23 جمعرات , نومبر 2017

پاناما ڪيس جو فيصلو

پاناما ڪيس جو فيصلو اڄ ٻنپهرن جو سڄي دنيا کي معلوم ٿي ويندو. هزارين ڪاغذن تي ٻڌل مختلف پٽيشنز تي ڪيس سپريم ڪورٽ جي ٻن چيف جسٽسز۽ ڪيترن ججن جي دماغن پاران اهو فيصلو آيو آهي. ان ڪيس ۾ ڪيتريون ئي ٽيڪنيڪل ڳالهيون سامهون آيون. ڪيئي رويا. ڪيئي قانوني ۽ احساساتي لهجا سامهون آيا. اهو ڪيس جيڪو پنهنجي فيصلي کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ يوسف رضا گيلاني جهڙا وزيراعظم پنهنجي پسمنظر ۾ رکي ٿو، تنهن فيصلي جي آمد لاءِ سڀ کان وڌيڪ آتا ملڪ جا ميڊيائي ائنڪر آهن، جيڪي جائز ۽ ناجائز نموني ان ڪيس جي حمايت ۽ مخالفت ۾ پنهنجا پنهنجا تير ڇڏي رهيا آهن.

پاناما ڪيس جيڪو صوبن جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪري سگهي ٿو، جيڪو ٻن پارٽين جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪري سگهي ٿو، جيڪو جنرل ضياالحق ۽ ان جي مخالفت جا فرق ظاهر ڪري سگهي ٿو، پر بدليل حالتن ۾ وڏي ۾ وڏو ٻوجهه عدالتن تي پيل آهي ته اهي ڪهڙي طريقي سان ان ٻوجهه کي پنهنجي ۽ تاريخ جي ڪلهن تان لاهي ڏيکارين ٿا.

خميس 20 اپريل 2017ع،  22 رجب المرجب 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

انتهاپسندن جي نشاني تي آيل سنڌ

سنڌ پوليس جي دهش گرديءَ سان نبرڻ واري کاتي جنهن کي ڪائونٽر ٽرزم ڊپارٽمينٽ (سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے