16 اربع , آگسٽ 2017

سنڌ جي تعليم جو کيت کائيندڙ ماڪڙ ۽ بي اثر رٿابندي

سنڌ ۾ تعليم جي وزير ڊاڪٽر ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪاليجي تعليم تي شاگردن لاءِ رقمون خرچ ڪري رهي آهي پر گهربل نتيجا نه مليا آهن، انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي تعليم کاتي کي وڌيڪ تخليقي نموني سان ڪم ڪرڻو پوندو. ڪاپي ڪلچر مهذب معاشري تي تمام وڏو داغ آهي ۽ ان داغ کي مٽائڻ لاءِ معاشري جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز بشمول استادن، والدين ۽ شاگردن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جن مرڪزن تي امتحانن ۾ ڪاپي جي شڪايت ملندي انهن مرڪزن جي ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل کي ٻيهر ڊيوٽي نه ڏني ويندي ۽ جيستائين اسان انهن ٻارن کي پنهنجو ٻار نه سمجهنداسين ان وقت تائين تعليمي معيار بهتر نٿو ٿي سگهي ۽ اسان کي اها ڳالهه سمجهي وٺڻ گهرجي جڏهن تعليمي معيار ڪَري ٿو ته معاشري ۾ برائيون جنم وٺن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته تعليم جي شعبي ۾ خامين جا اسان سڀ ذميوار آهيون ۽ اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته ٻين صوبن جي مقابلي ۾ بهتر نه آهي. هن چيو ته امتحانن ۾ غيرتدريسي عملي جي ڊيوٽي نه لڳائي وڃي ۽ جيڪڏهن ايئن ڪيو ويو ته لاڳاپيل تعليمي اداري جي سربراهه خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪالهه سڄي سنڌ جي ڪاليجن جي پرنسپالن لاءِ ڪوٺايل ٻن ڏينهن واري سيمينار ۾ خطاب ڪندي  هن چيو ته، ڪاليجن ۾ شاگردن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندي سندن کان داخلا فيس ۽ امتحاني فيس نه ورتي ويندي ۽ حڪومت اها فيس پاڻ ادا ڪندي جڏهن ته هڪ اندازي مطابق سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ في ٻار تي تقريبن 16 هزار رپيا خرچ ٿين ٿا جڏهن ته ايتري وڏي رقم خرچ ٿيڻ جي باوجود سرڪاري ادارا گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ان موقعي تي سڄي سنڌ جي ڪاليجي پرنسپالن کان سواءِ تعليم کاتي جي ڪاليجي حصي جي سيڪريٽري  پرويز احمد سيهڙ، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ڊاڪٽر ناصر انصاري، سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ڪاليجز ۽ پوري صوبي جي ڪاليجن جا پرنسپل به موجود هئا.

صوبائي وزير تعليم چيو ته استاد پنهنجا فرض ايمانداري سان انجام ڏين ۽ ايئن نه ڪندا ته اها دوکيبازي آهي ۽ ايئن نه ٿئي ته انهن جو اهو عمل سندن ٻارن جي سامهون اچي. هن سيڪريٽري تعليم ڪاليجز کي هدايت ڪئي ته جيڪي پرنسپل اڄ ورڪشاپ ۾ حاضر ناهن ٿيا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ صوبي ۾ تعليم جو سرشتو جيڪو سماج لاءِ امرت ڌارا هجڻ گهرجي ها، جيڪو ڪشش جو سبب هجي ها، جنهن کي ڏسي اسان جا والدين اهو چون ها ته برابر تعليم ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيندي پئي وڃي، ان جي ابتڙ اڄ تعليم کاتو پنهنجي گند صاف ڪرڻ ۾ پورو آهي. ورهين جا ورهيه اربين رپيا، کربين رپيا ڪتب آڻڻ جي باوجود هاڻي محسوس پيو ٿئي ته ان جو هڪ وڏو حصو برابر پگهارن تي استعمال ٿيو پر ان کان به وڏو حصو جيڪو فرنيچر، لئبارٽرين ۽ اسڪولن جي مرمت تي خرچ ٿئي ها اهو ڪجهه آفيسرن کائي هضم ڪري ڇڏيو. انهن آفيسرن کي ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي اها اڃا وڌيڪ خراب ڳالهه آهي. بس! ڪا ماڪڙ هئي جيڪا سڄو تعليمي کيت کائي هضم ڪري ويئي.

سنڌ جي تعليم واري وزير جي ڳالهه پڻ صاف ٻڌائي ٿي ته حالتون بهتر ناهن. اسڪول ۽ ڪاليج بهتر ناهن. پڙهايون بهتر ناهن. ذميدارين جي ادائگي بهتر ناهي. ڪاپي ڪلچر خلاف حڪمت عملي مناسب ناهي. تعليم جو وزير جنهن صوبي ۾ تعليم جي لاءِ ”هنگامي حالتن“ جو اعلان ڪيو آهي، ان لاءِ ڪي به هنگامي قدم کڄندي نظر نه ٿا اچن.

وقت اچي ويو آهي ته تعليم کاتو، استاد، والدين ۽ شاگرد گڏجي هن بار کي کڻن، سنڌ کي جهالت کان بچائين ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. ايئن ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ماضيءَ جي خرابين جو ورجاءُ به نه ٿيندو. سنڌ ۾ ڪاپي جي وبا کان به جان ڇُٽي ويندي ۽ سنڌ علمي ۽ تعليمي طور پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندي.

خميس 20 اپريل 2017ع،  22 رجب المرجب 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌسرڪار ٻڌائي ته ماڻهو ڇو پيا گم ٿين؟

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي لاءِ پارليامينٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي