26 جمعو , مئي 2017

اعليٰ تعليمي ادارن ۾ انتهاپسندي..!؟

ڪمال ڄامڙو

اعليٰ تعليمي ادارن جو بنيادي مقصد تعليم، تحقيق ۽ تربيت وسيلي سماج کي ترقي ڏيارڻ ، انساني دماغن جون صلاحيتون اُڀارڻ ، ڪردار سازي ڪرڻ ، سماجي برابري ڪرڻ ۽ روشن خيالي وڌائڻ به آهي . بدقسمتيءَ سان اسان جا اعليٰ تعليمي ادارا خاص ڪري يونيورسٽيون ڏينهون ڏينهن پنهنجيءَ ذميواريءَ کان پوئتي هٽنديون پيون وڃن . انهن عالمي سطح تي پاڻ مڃائيندڙ محقق ، سائنسدان ، تعليمي ماهر، فلاسافر، ۽ مختلف شعبن جا ماهر جيڪڏهن پيدا ڪرڻ بند نه به ڪيا آهن ته گهٽائي ضرور ڇڏيا آهن. اسان وٽ شعر ۽ ادب جي شعبي ۾ ته ڪجهه نه ڪجهه اسڪالر ڏسڻ ۾ اچن ٿا  پر ٻين شعبن جهڙوڪ ؛ سائنس ، معاشيات ، فلسفي ، سماجيات، نفسيات ، سياست ، طب وغيره ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا محقق ، اسڪالر ۽ مڃيل عالم به شايد ئي ملن. گهڻي عرصي کان ڊاڪٽر عبدالسلام ۽ سائين وڏل شاهه جهڙوڪو به پيدا نه ٿي سگهيو آهي .

ان کوٽ ۽ جهالت سبب سنڌ جو صوفي مزاج تبديل ٿيڻ لڳو آهي ، انتها پسندي تيزيءَ سان صوفي سوچ ۽ مذهبي رواداريءَ ۽ سهپ جي جاءِ والاريندي پئي وڃي. پاڪستان خاص ڪري سنڌ جون يونيورسٽيون، جيڪي روشن خياليءَ ۽ لبرل سوچ پيدا ڪرڻ جون فيڪٽريون ۽ سنڌ جي صوفي شاعرن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين  جي صوفياڻي پيغام پکيڙڻ جا اڏا هونديون هيون، سي هاڻي مذهبي انتها پسنديءَ، غير نظرياتي سياست، واپاري ذهنيت (Commercialization) ۽ اڻسهپ ۽ اڻبرابريءَ ڏانهن ڊوڙنديون پيون وڃن . تازا ٿيل واقعا ان جو چٽو ثبوت آهن، مردان يونيورسٽيءَ ۾ مشال خان جو قتل ملڪ جي سمورين يونيورسٽين جي مُنهن تي چماٽ آهي. سنڌ جي يونيورسٽين جي صورتحال به خراب ٿيدي پئي وڃي، اهو سلسلو جيڪڏهن جاري رهيو ته هتي به جلد ئي مشال خان جهڙا قتل ٿي سگهن ٿا. انتها پسنديءَ جا ڪجهه ٽيلر هتي به هلي چڪا آهن، جيڪي اسان جي اکين کولڻ لاءِ کوڙ آهن . انهن مان ڪجهه مثال هتي پيش ڪجن ٿا.

  1. ڪراچيءَ ۾ ٿيل صفورا سانحي ۾ 13-05-2015 تي 46، اسماعيلين کي جنهن بيدرديءَ سان ماريو ويو ، اُن جو مثال نه ٿو ملي. اخباري رپورٽن مطابق مارڻ وارا ڪي مدرسي جا پڙهيل نه هئا نه ئي وري اڻپڙهيل هئا، انهن جو تعلق اعليٰ تعليمي ادارن سان هو. سعد عزيز ٽن ٽن آءِ بي اي ڪراچيءَ جو بزنيس گريجوئيٽ، اظهر عشرت سر سيد يونيورسٽيءَ مان پڙهيل اليڪٽرانڪ انجنيئر، حافظ ناصر پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ٻيا به پڙهيل ڳڙهيل هئا.انهن سمورن گريجوٽس جي سوچ ۽ فڪر تي اعليٰ تعليمي ادارن جي نصاب ۽ ماحول ضروراثر ڇڏيو هوندو.
  2. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي نورين لغاريءَ جو ڏهين فيبروري 2017 کان غائب ٿيڻ ۽ تازو 14-04-2017 تي لاهور مان هڪ آپگهاتي بمبار جي حيثيت ۾ هٿ اچڻ هڪ يونيورسٽيءَ ۾ موجود مذهبي انتها پسنديءَ کي ظاهر ڪري ٿو، بلڪه “ سنڌي طالبان ” پيدا ٿيڻ جي نشاندهي پڻ ڪري ٿو. ان تي به سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي سخت ضرورت آهي.
  3. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هوليءَ ملهائڻ جي معاملي تي ٿيل ملاکڙو به اُتان جي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. مطلب ته سمورن ادارن تائين جنونين جي پهچ ٿي چڪي آهي .
  4. تعليمي ادارن ۾ مذهبي تنظيمن جون سرگرميون ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ مدرسن ۾ پيل برڪت، محرم ، ربيع الاول ، رمضان شريف ۽ ذوالحج ۾ ٿيندڙ جدت ۽ شدت سوچن ۽ خيالن تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
  5. سنڌ ۾ صوفي ازم جي تعليم ۽ پرچار لاءِ سنڌ حڪومت 2011ع ۾ ڀٽ شاهه ضلعي مٽياريءَ ۾ صوفي يونيورسٽي قائم ڪئي، اها به اصل ڪم بدران انتها پسنديءَ ڏانهن پئي وڃي، جنهن جو تازو مثال مارچ مهيني ۾ شاگردن کي هولي ملهائڻ کان روڪڻ آهي. اها روڪ ڪنهن شاگرد نه پر هڪ استاد ۽ وي سيءَ جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿي. ان حوالي سان روزاني وفاءِ سنڌ ڪراچيءَ ۾ 08-04-2017 تي شاگردن جو هڪ خط ڇپيو آهي، جنهن ۾ شاگردن پنهنجا نالا شايد ان ڪري نه ڏنا آهن ته متان هنن سان به مشال خان وارو ورتاءُ ڪيو وڃي، ان خط جو متن هتي ڏجي ٿو،

حڪومت سنڌ 2012ع ۾ ڀٽ شاهه ضلعي مٽياريءَ ۾ صُوفي يونيورسٽي قائم ڪئي، جنهن جو مقصد دُنيا جي عظيم صُوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين صُوفي شاعرن جو پيغام عام ڪرڻ هو پر حڪُومت ان جي برعڪس غير سنجيدگيءَ جو مُظاهرو ڪندي صُوفي يونيورسٽي انتها پسندن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي آهي، جن پنهنجي قول وفعل وسيلي  صُوفي يونيورسٽيءَ کي مدرسي ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڏنو آهي.

مارچ مهيني ۾ هوليءَ جو تهوار سنڌ جي مُختلف يونيورسٽين ۾ ملهايو ويو . اسان صُوفي يونيورسٽيءَ جي شاگردن به اهو ڏينهن ملهائڻ جي تياري ڪئي پر افسوس سان لکڻو پئي ٿو ته انتها پسند سوچ رکندڙ وي سي  صاحبه ڄاڻايل ڏينهن ملهائڻ جي اجازت نه ڏئي، انتها پسنديءَ جو مظاهرو ڪيو.

ڊسمبر 2016ع ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس ملهايو ويو. وي سي صاحبه صوفي ازم کان ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي ان مناسبت سان شاگردن کي ڪابه تقريب رکڻ نه ڏني، ڊاڪٽر صاحبه گذريل هڪ سال کان صوفي يونيورسٽي کي اصل مقصد کان پري رکڻ تي عمل پيرا آهي. ڊاڪٽر صاحبه کي صوفي ازم سان ڪابه دلچسپي ناهي.

اسان اعليٰ حڪام خاص طور تي سنڌ جي گورنر جناب محمد زبير عمر، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، چيف جسٽس  سپريم ڪورٽ ، وزير اعظم پاڪستان، صدر پاڪستان، ميڊيا، اديبن ۽ شاگردن کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا صوفي يونيورسٽيءَ کي مدرسي ٿيڻ کان بچايو، يونيورسٽيءَ کي پنهنجي اصل مقصد صوفي ازم تحت هلايو .

اسان سنڌين کي ان ڳالهه تي فخر هوندو آهي ته اسان صوفي مزاج رکندڙ ۽ لبرل آهيون، ٻاهران آيل ماڻهون انتها پسند سوچ رکن ٿا.

مذهبي انتها پسنديءَ واري سوچ هتان جي قديم رهواسين جي آهي يا تازو آباد ٿيلن جي آهي . هنيئر ان بابت دليل ڏيڻ يا بحث ڪرڻ اجايو آهي . جيڪي به ماڻهون سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن جو هر چڱو يا بُرو عمل سنڌ جي کاتي ۾  ئي ليکجي ٿو، تنهن ڪري روشن خياليءَ آڻڻ يا اُن کي وڌائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. حڪومت، عالم ۽ سُڄاڻ ڌريون ڇاڪن؟ ان حوالي سان ڪجهه تجويزون هتي ڏجن ٿيون .

  1. هر مذهبي عبادت کي ذاتي عمل سمجهيو وڃي، ان خلاف فتوائن ۽ فيصلن تي پابندي هنئي وڃي
  2. هر هڪ مذهب ۽ فرقي جو لازمي احترام ڪيو وڃي. مذهب جي توهين جي صورت ۾ ماڻهن بدران عدالتون فيصلا ڪن .
  3. سنڌ حڪومت صوبي جي هر هڪ ڳوٺ ۾ لازمي اسڪول کولي، جتي آبادي گهڻي هُجي اُتي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪري، ته جيئن مدرسن کولڻ جي ضرورت نه پئي.
  4. نون مدرسن کولڻ تي مڪمل پابندي ۽ موجود مدرسن ۾ جديد علم ۽ صوفياڻو نصاب سختيءَ سان لاڳو ڪيو وڃي.
  5. پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين نصاب ۾ تبديلي آڻي ان مان هر قسم جي نفرت پکيڙيندڙ مواد نه رڳو ڪڍيو وڃي، پر ڪجهه لازمي مضمونن جو واڌاروڪيو وڃي، جهڙوڪ: اسلام کان سواءِ ٻين مذهبن جو علم (Theology)، سنڌ جي صوفي شاعرن جي ڪلام ۽ پيغام تي ٻڌل مضمون ۽ انساني حقن بابت مضمون توڙي جو اهي مضمون مختصر نموني پڙهايا وڃن ٿا. پر انهن مضمونن کي هرDiscipline لاءِ لازمي ڪيو وڃي. سائنس وارا به پڙهن ته آرٽس وارا، ڪامرس وارا، ميڊيڪل وارا، اسلاميات وارا، ايجوڪيشن ۽ بزنيس ايڊمنسٽريشن وارا به پڙهن.

جيڪي سنڌي ٻولي نه ٿا پڙهي سگهن ، انهن کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري پڙهايو وڃي.

  1. يونيورسٽين ۾ ادبي ثقافتي ۽ غير نصابي سرگرمين ۽ خاص ڪري صوفياڻي راڳ جي محفلن کي وڌايو وڃي.
  2. اسٽوڊنٽ يونينون بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ اسٽڊي سرڪل آباد ڪيا وڃن.
  3. ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سنڌي ۽ اردو ميڊيا ، خاص ڪري ريڊيو ٽي وي چينل پنهنجن پروگرامن ۽ ڊرامن وغيره ۾ صوفياڻي فڪر کي نمايان شامل ڪن. شاهه لطيف ، سچل سرمست ، خواجه فريد، بابا بلهي شاهه ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام اردو انگريزي ترجمي سان گڏ ڏين .
  4. اسان سڀ سوشل ميڊيا کي ان مقصد لاءِ ڪتب آڻيون .
  5. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي استادن لاءِ ورڪشاپ ڪرائي، انهن کي صوفياڻي فڪر جي پرچار لاءِ نه رڳو تيار ڪيو وڃي پر هو پنهنجو فرض سمجهي پرچار ۽ ڪائونسلنگ ڪن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڏنل تجويزن تي عمل ڪرڻ يا ڪرائڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر ناممڪن به ناهي. اهڙيءَ ريت ان جو نتيجو تڪڙ ۾ به نه نڪرندو پر پڪ ڄاڻو ته سُتت ٿي بهتر نتيجو نڪرندو. ان لاءِ حڪومت پنهنجي حصي، استاد ، سڄاڻ ڌريون ، سياسي ، سماجي ۽ علمي ادبي تنظيمون پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ته منزل پري ناهي ، دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جيڪڏهن هيٺ ڏنل هڪ بيت تي ئي عمل ڪبو ته ٻيڙا پار ٿي ويندا.

روزا نـــمــازون، اي پـــــڻ چـــڱـو ڪــم

او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي                          سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي