27 ڇنڇر , مئي 2017

سپريم فيصلي جا امڪاني پاسا ۽ پاڪستان

ايوب شيخ

اڄ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ٻنپهرن جو ٻين وڳي پاڪستاني سياسي تاريخ جي هڪ اهم ڪيس جي باري ۾ فيصلو ٻڌائي رهي آهي. اڱاري ڏينهن جيئن ئي سپريم ڪورٽ پنهنجي حاضريءَ تي اها ڳالهه لکائي ته 20 اپريل تي پاناما ڪيس جي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو ويندو. ان فيصلي جي تاريخ اچڻ سان ڄڻ ته ميڊيا جي پنڊپهڻ ٿيل جوانن جا رسا کُلي پيا آهن ۽ اهي پاڻ جج بڻجي يا ججن جهڙا بڻجي امڪاني فيصلن جي برسات وسائي رهيا آهن. ڄڻ ته هڪڙي عوامي سپريم ڪورٽ هر ٽي وي چئنل تي موجود آهي جيڪي وڪيلن، تبصرو ڪندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کان ويٺا امڪاني فيصلائتي راءِ ڏين.

فيصلو ڪهڙو به اچي ٿو، ان جي هڪ پاسي هوندو وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ ٻئي پاسي ان جو سڀ کان وڏو مخالف عمران خان. اصل ۾ انهن ٻنهي جي وچ ۾ تڪرارا يا ٽڪراءَ جي اهڙي حالت پيدا ڪئي وئي آهي جنهن ۾ في الحال ته سپريم ڪورٽ ڪنهن به لهس کان بچيل آهي، پر جيئن ئي اهو فيصلو حڪمران ڌر يا ملزم بڻايل ڌر جي حق ۾ ايندو ته سمورو ٻوجهه سپريم ڪورٽ تي پوڻ شروع ٿي ويندو. ان سان گڏ ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا پڻ 20 اپريل 2017ع تي ئي اچي ويندا، پر جي حڪمران ڌر جي مخالفت ۾ اهو فيصلو اچي ٿو ته ان سان عمران خان جي سياست آسماني بلندين کي ڇهندي ۽ پاڪستان جا حڪمران طبقا مشهور ڪيل ” ٽي ڄڻا ڪاٽا“ Minus 3 واري فارمولي تي عمل ڪرڻ شروع ڪندا.

قومي اسيمبلي ايوان ۾ وزيراعظم جي تقرير:

پاناما اسڪينڊل 6 اپريل 2016ع تي جيئن ئي دنيا اخبارن ۾ ٿرٿلو مچايو هو ته دنيا جي ڪُجهه حُڪمران ڪٽنبن سان گڏ وزيراعظم ميان نواز شريف صاحب جي ٽنهي ٻارن مريم نواز، حسن ۽ حسين نواز جا نالا هڪ آفشور ڪمپني ۾ ظاهر ٿيا هئا. انهن ڪمپنين جي باري ۾ ميان صاحب نه اليڪشن فارم ۾ ڪجهه ظاهر ڪيو هو ۽ نه ئي ان باري ۾ پنهنجي ملڪيت جا گوشوارا ڏنا هيا.

سڄي ملڪ جي ميڊيا پاناما اسڪئنڊل کي اهڙي هنڌ بيهاريو جتي وزيراعظم ميان نواز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي پاران 16 مئي 2016ع تي تقرير به ڪرڻي پئي ۽ قوم کي خطاب به ڪرڻو پيو. ميان صاحب چيو هو ته ” مان کير پاڻي ڌار ڌار ڪرڻ چاهيان ٿو، منهنجي ملڪيت کي جانچيو وڃي اڳوڻو چيف جسٽس ان باري ۾ ڪميشن ٺاهي جاچ ڪري“.

پاناما ڪيس شروع ٿيو ته ڪيئي رويا سامهون آيا پر جج صاحبن جيڪي سوال پڇيا، جيڪي تبصرا ڪيا ۽ ڇلڻيءَ سان جيڪي فريادين ۽ ملزمن جي وڪيلن سان حساب ڪتاب پورا ڪيا، تنهن مان اهي امڪان ۽ انومان ڪڍيا ويا ته هي ڪيس ٻي نوعيت جا فيصلا ڏيندو. مثالطور: 16 جنوري 2017ع تي عدالت جيڪي سوال ڪيا، ميان صاحب جي وڪيل مخدوم علي خان کي جج صاحبان چيو ته ” دولت جي ڪٿان اچڻ جا دستاويز ملزم ڌر ڏيندي، انهن کي ئي ٻڌائڻو پوندو ته اها دولت پاڪستان، سعودي عرب، لنڊن،  قطر ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيئن پهتي ۽ ڪيئن بزنيس ڪيا ويا ۽ ميان نواز شريف قومي اسيمبلي ۾ جيڪا تقرير ڪئي ۽ ان ۾ غلط بياني جو ڇا ٿيندو؟“

”قومي اسيمبلي ۾ غلط بياني“ تي مخدوم علي خان چيو ته ” قومي اسيمبلي جي بيان جي جاچ عدالت نه ٿي ڪري سگهي، اهو ڪم قومي اسيمبلي جو آهي“

امڪاني فيصلو ڪهڙو اچي سگهي ٿو:

  1. سپريم ڪورٽ جيئن ته جاچ ڪندڙ ادارو ناهي ان ڪري، ان پاران ملڪيت جي وچور، ٽئڪس چوري لاءِ وفاقي روينيو بورڊ Federal Board of Revenue ۽ وفاقي جاچ ايجنسي ايف آئي اي FIA ۽ قومي احتساب بيورو National Accountability Bureau يا نئب کي هدايت ڪندي ته اثاثن ۽ ٽئڪس چوري جي باري ۾ جاچ هڪ مهيني اندر مڪمل ڪئي وڃي.
  2. سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس ۾ انصاف جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ”عدالتي ڪميشن“ جوڙڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿي.
  3. ايف بي آر، نئب ۽ ڪجهه ٻين ادارن جا سربراهه بي عملي جي سزا طور نوڪرين تان برطرف ٿي سگهن ٿا.
  4. ”ٽي ڄڻا ڪاٽا“ واري فارمولا موجب فيصلو ته اهو اچڻو آهي ته ڪنهن طريقي سان ميان صاحب کي گهر اماڻجي. ان لاءِ سپريم ڪورٽ جيڪڏهن باقي سمورا معاملا جاچ ادارن جي حوالي ڪري ٿي ته هڪ اهم ڳالهه جيڪا ميان نواز شريف قومي اسيمبلي ۾ ڪئي هئي، اها هن جي لاءِ وڏي ۾ وڏو نقصان ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي تقرير ۽ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 اهڙا هٿيار آهن، جيڪي ميان صاحب جي خلاف ڪتب اچي سگهن ٿا.

سپريم ڪورٽ ڪميشن ڇو ٺاهيندي؟

ڪالهه جو فيصلو ڏسو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ مشال قتل ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ کي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ کان روڪيندي پاڻ معاملي جي نگراني جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ مشال قتل ڪيس پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٿي. ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي وقار بلور  عدالت کي ٻڌايو ته واقعي ۾ 28 جوابدار نامزد آهن جن مان 24 کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻيا 4 گرفتار ٿي ويندا. هن ٻڌايو ته ايس پي انويسٽي گيشن جي سربراهي ۾ هڪ جاچ ٽيم به جوڙي وئي آهي ۽ معاملي جي ايمانداري سان جاچ جاري آهي. عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ کي مشال قتل ڪيس جي واقعي ۾ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ کان روڪيندي چيو آهي ته جڏهن ڏوهه جي جاچ 80 سيڪڙو مڪمل ٿي آهي ته پوءِ ”عدالتي ڪميشن“ ٺاهڻ جي گهرج ڪانهي.

ان جو مطلب اهو آهي ته ”ڏوهه“ جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن ان ڪري ٺاهي ويندي ڇوته، پاناما ڪيس ۾ ڏوهه جي جاچ بدران فريادن تي بحث ڪيو ويو آهي.

فيصلي کان اڳ مختلف سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين جا رويا:

نواز ليگ:

پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي وزير اعظم نواز شريف پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزير، آئين ۽ قانوني ٽيم به شريڪ آهي. پارٽي قيادت پاناما ڪيس جو هر فيصلو قبول ڪندي ۽ فيصلي کان پوءِ ن ليگ پنهنجو ڀرپور رد عمل ڏيندي. ان سلسلي ۾ نواز ليگ جي ڪارڪنن کي عدالت ۾ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ميان صاحب چيو آهي ته ”اسان فيصلن جا انتظار نه پر ترقي جا ڪم ڪندا آهيون“

پاڪستان پيپلزپارٽي:

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پاناما ڪيس جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته فيصلي ۾ دير  مان لڳي پيو ته جج  ٻڏتر Double Minded ۾ آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو رياست کي مضبوط به ڪري سگهي ٿو ۽ ڪمزور به. هن چيو ته ماضي جي تاريخ کي ڏسو منهنجو ويزن واضع آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي ڪو معجزو ٿي پوي.

پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳڪٿيون ڪندڙ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته پاناما جو فيصلو پاڪستان جو مستقبل طئي ڪندو، هن اڳڪٿي ڪندي چيو ته اهڙو فيصلو ايندو جو ڪجهه جهٽڪو لڳندو، ايترو به جهٽڪو نه لڳندو جيترو سمجهيو پيو وڃي، پاڪستان جي مستقبل ۽ عوامي امنگن موجب فيصلو ايندو، هن چيو ته وزيراعظم نااهل نه ٿيندو، عمران خان کي به ڪجهه نه ملندو، جيڪو ڪجهه به ملندو، عوام کي ملندو.

پاڪستان تحريڪ انصاف:

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو پاڪستان جي سياست کي تبديل ڪري ڇڏيندو جنهن جو اثر پوري ملڪ تي پوندو. ان چيو ته پورو ملڪ پاناما ڪيس جي فيصلي جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ تحريڪ انصاف تاريخي جدوجهد ڪئي جنهن تي پنهنجي هڪ هڪ ڪارڪن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جن جي جدوجهد رنگ ڏيکارڻ واري آهي. عمران خان چيو ته پاڪستان جو روشن مستقبل اڄ تحريڪ انصاف جي راهه تائين رهيو آهي ڇو جو هيءَ ئي جماعت آهي جنهن ڪرپشن خلاف عملي جدوجهد ڪئي ۽ پاناما ڪيس کي سرد خاني جي نذر نه ٿيڻ ڏنو ۽ ميڊيا ۾ ان کي زندهه رکيو، ان چيو ته سڀاڻي واري فيصلي کانپوءِ پاڪستان ۽ اڄ جي پاڪستان ۾ نمايان فرق هوندو ڇو جو ڪرپشن اڄ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اشو بڻجي چڪو آهي ۽ پوري قوم ڄاڻي ورتو آهي ته مسئلن جو سڀ کان بنيادي سبب ڪرپشن ئي آهي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته مسلم ليگ ن پاناما فيصلي کان فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ ٽڪراءَ جو ماحول پيدا ڪري رهي آهي، ماضي ۾ به نواز ليگ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو پر هاڻي تحريڪ انصاف سندن ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته سپريم ڪورٽ تي نواز ليگ طرفان حملي جي منصوبابندي پنجاب هائوس ۾ ڪئي وئي ۽ هاڻي پنجاب ۾ اها ئي صورتحال پيدا ٿي رهيو آهي ڇو جو حڪمران جماعت سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ۽ ججن کي خوفزده ڪري چڪي آهي.

مولانا فضل الرحمان:

جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاناما اشو تي قوم جو وقت زيان پيو ڪيو وڃي، پاناما فيصلي جو انتظار ڪرڻ سان ڪوبه طوفان نه ايندو.

ٽي ڄڻا ڪاٽا جو مطلب ڇاهي؟

ٽن پارٽين جا اڳواڻ الطاف حسين، آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف کي سياسي وهنوار کان پري ڪرڻ لاءِ اهو اصطلاح مشهور ڪيو پيو وڃي. اهو ڪيئن ٿيندو، ان لاءِ انتظار پاناما ڪيس جي فيصلي جو آهي. جنهن فيصلي سان لاهور ۽ لاڙڪاڻي جو اصطلاح وڌيڪ نروار به ٿي سگهي ٿو ۽ سياسي گرامر ۾ اهو هميشه لاءِ دفن بي ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس کي غيرسياسي بڻائڻ وارو سوال ۽ آءِ جي سنڌ…!!!

مهتاب نبي شر دنيا ۾ طبقاتي سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ جيئن ماضي ڀريو پيو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي