17 آچر , ڊسمبر 2017

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

جهونو جوڳي اڄ وڏن مقررن وانگر تقرير ڪندي سنگت کي سمجهائي رهيو هو ته ادا اسان سڀ هڪڙي خدا جا بندا آهيون هڪڙي ماءُ ۽ پيءُ جو اولاد آهيون، ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا جو سڀ انسان اولاد آهن، حضرت آدم جي ٻه نيڪ پٽن يعني آدم جي پهرين اولادهابيل ۽ قابيل جي ڪردار جي ذريعي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ واري رسم وڃي تعليمي ادارن جي سربراهن مشعال خان کي قتل ڪرائڻ لاءِ اسلام جو سهارو ورتو. مرڪزي ڪردار عبدالله اعتراف ڪندي چيو ته اداري طرفان مونکي بليڪ ميل ڪري اهو عمل ڪرايو ويو، هاڻ ٻڌايو سڄي دنيا ۾ دين اسلام جي شڪل ۽ صورت ڪهڙي وڃي بيٺي آهي؟ ۽ اها ڪنهن بيهاري آهي؟ قرآن پاڪ، رسول پاڪ ۽ سندس آل جي هٿان الله پاڪ کي شهادت جو انعام ڏئي قيامت تائين زندهه ڪري ڇڏيو ۽ هت اسلام جي نالي ۾ هن ملڪ ۽ سڀني اسلامي ملڪن کي ڪلڀوشن جي ڪردار سان نقصان پهچائڻ وارا ڪير انڊيا جي سازش، ايران ۽ پاڪستان کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ واري آهي، آمريڪا اهو پروجيڪٽ انڊيا کي ڏنو آهي ۽ سعودي حڪومت کان هر خوني تخريبي عمل لاءِ ڏوڪڙ ڏياري ڏياري، مٿس 11 سيپٽمبر وارو الزام هڻي ڇڏيو ۽ سندن بينڪن جو ڏيوالو ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ڀلي پار مان ڏوڪڙ موڪلڻ وارا واپس اچڻ لڳا آهن.

ڪامريڊ سليم، جهوني جوڳيءَ جي وات تي هٿ رکندي چيو ته ادا مشعال خان پڪو مسلمان هو، سندس مارائڻ وارن توهين مذهب جو نالو استعمال ڪري شيطاني پروگرام کي هاڻ مدرسن ۽ تعليمي ادارن ۾ به گهرو ويڙهه جي صورتحال بڻائي، تعليمي ادارن ۾ معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ هاڻ وري کين هڪٻئي سان وڙهڻ جو ماحول ڏياري خوني بازار گرم رکڻ جو لاڙو تيز ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ ميمبر سنڌ اسيمبليءَ کي ”دو نمبر“ اسيمبلي چئي بي عزتي ڪئي، جڏهن ته اسان ايم ڪيو ايم وارن کي به پ پ وارا شيطاني جنگ ۾ جوٽيو اچن، هڪ ڏينهن به خالي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، زرداري صاحب جي خلاف سڀني قوم پرستن ته اهو به چيو آهي ته ادارن زرداري صاحب جا دوست هيرو بڻائڻ لاءِ کڻايا آهن. ان کان علاوه قوم پرست اڳواڻن پ پ ۽ زرداري صاحب خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهايو آهي، پر ادا اسان جي ملڪ ۾ اها شيطاني گيم اڻ کٽ آهي، شيطان يهودي ۽ نصارن جي طاقت سان قيامت تائين اصلي مومن ۽ مسلمان سان جنگ ڪندو رهندو، اهو به قرآن پاڪ ۾ لکيل آهي. بهرحال اها اسلام جي نالي ۾ شيطاني جنگ جاري رهندي. قيامت تائين، پر جنهن کي الله بچائي ڪالعدم تحريڪ سربراهه احسان الله وانگر طالباني ڇڏي آيو آهي. اهڙي طرح ان گمراهيءَ جي راهه تان واپس ايندڙن کي الله معافي به ڏيندو ۽ دنيا ۾ نعمتون به عطا ڪندو آهي. زرداري صاحب هاڻ به ادارن سان گڏ آهي، جن تي ڏيساوري ادارن جو هٿ آهي پر ساڳي وقت ٻين ادارن کي پ پ کي هر حال ۾ سنڌ ۾ به ننڍي پارٽي بچائڻ جو پروجيڪٽ آهي ۽ مذهبي ويڙهاند ۾ اهي ادارا ئي فنڊنگ حاصل ڪري پ پ ۽ زرداري صاحب جي ملڪيت حاصل ڪرڻ ۽ پ پ کي سنڌ تائين محدود رکڻ جي پروجيڪٽ تي تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. ايم ڪيو ايم تي ڀتا خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ هٿيارن جا ڪيترائي ڪيس آهن، ڇو ته جن ڪارڪنن کي ادارن گذريل دور جون حڪومتون ڊاهڻ لاءِ عالمي ايجنڊا مطابق کين قاتل ۽ معذور بڻائي پنهنجا ڪم ڪرايا، انهن جو خاتمو نوان آيل سربراهه ڪري رهيا آهن. احسان الله وارن کي هٿيار ڦٽا ڪرائي رهيا آهن، ڇو ته انهن وڏا وڏا واقعا ڪيا، جڏهن ته اسان جي هڪڙي هڪڙي ڪارڪن کي ڪنهن به هڪ ٽارگيٽ لاءِ استعمال ڪري معذور ڪيو ويو، جيڪي آفريقا ۽ انديا نڪري ويا، اهي بچي ويا، جيڪي ملڪ اندر آهن، انهن جي چر پر جي خبر ادارن کي آهي، ان ڪري جڏهن به يهودي ميڊيا کي خبرن جي کوٽ هوندي آهي ته آرڊر تي ٻه ٽي واقعا ڪرائي ٻه چار معذور مارائي سڀني کي خوش ڪري ڇڏيندا آهن. هن وقت روس، چين، ايران ۽ ترڪي واري اتحاد ۾ پاڪستان به شامل آهي ۽ افغاني طالبان کي افغانستان ۾ حڪومت ڏيارڻ لاءِ جيڪي ڪوششون روسي محاذ طرفان ٿي رهيون آهن، آمريڪا هر حال ۾ ان کي ناڪام بڻائي پنهنجن طالبان کي حڪومت ڏيارڻ چاهي ٿو ۽ شام ۾ داخل ٿي آمريڪا وري روز خودڪش حملا ڪرائي سوين مسلمان شهيد ڪرائي ميڊيا کي مواد ڏئي ۽ پاڪستاني، افغاني ويڙهاڪن ۽ سولين کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن وقت مواد گهٽ هئڻ سبب هر ٽي وي چينل مشعال خان ۽ نورين جي اسٽورين کي هاءِ لائيٽ ڪري رهيو آهي. نورين جي ڪهاڻي ۾ اڃا في الحال صرف اهو ٻڌايو ويو آهي ته هو کيس ڪنهن چرچ ۾ خودڪشيءَ لاءِ تيار ڪري رهيا هئا. هڪ طرف چرچن تي حملا ڪرائڻ وارا ادارا آمريڪا اڳيان ظاهر ٿيا، جيئن هو اسان تي پابنديون هڻن ۽ وڌيڪ آزمائش ۾ وجهن. ٻئي طرف نورين سنڌي نياڻي کي ان دهشت گرد نيٽ ورڪ جو حصو بڻائي هڪ ته سنڌين جي نياڻين ۽ مائٽن کي انهن تعليمي ادارن کان خوفزده به ڪيو ويو آهي، ته ٻئي طرف سنڌ ۾ لشڪر طيبه جي بروهي نيٽ ورڪ کانپوءِ، هاڻ هن نياڻي معرفت ٺهيل نيٽ ورڪ حاصل ڪرڻ بهاني ڪيترن خاندانن کي خوفزده ڪيو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ زرداري صاحب سنڌ جي ادارن کي بچائڻ لاءِ رينجرز اختيارن کي واڌ ڏيڻ آءِ جي هٽائڻ ۽ گئس بجلي بحران تي هڙتالون ۽ ڌرڻا ڪرائي پاڻ تان ڌيان هٽائي، پاڻ ٻين صوبن ۾ ”پ پ جا سڪل وڻ ساوا“ ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي. پاڻ ڏاهو آهي، جو ملڪ ۾ ٺهندڙ ننڍن صوبن ۾ يونٽن جي آمريڪي سازش کان پوري طرح واقف ۽ ڪن سان متفق به آهي، ته پوءِ جيڪي سنڌ جا ضلعا ايندڙ دور ۾ آمريڪا وانگر يونائيٽيڊ اسٽِيٽس بڻبا، انهن ضلعن ۾ ضلعي چيئرمين به آهن، قومن ۽ صوبائي ميمبر آهن، پ پ جا ضلعي صدر به آهن پوءِ ڇو نٿو سنڌ ۽ سنڌي بچائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ اتان جا عملدار هر اداري ۾ رکي، جيئن هينئر صرف مٽياري ضلعي ۾ 750 پوليس وارا ڪامياب ٿيا آهن ۽ ان ضلعي ۾ ئي وڌيڪ عملي جي ضرورت آهي ۽ ان ضلعي جي تحفظ لاءِ اهي ئي پوليس وارا بقول ايس پي امداد شاهه جي سوشل ميڊيا تي ڏنل بيان ۽ ڊمانڊ مطابق اتي ئي ڏنا وڃن ۽ پوءِ ضلعي جي سڀني آفيسرن، ميمبرن ۽ اين جي اوز جي هڪ ڪوآرڊينيٽر ڪميٽي ٺاهي، امن ۽ امان، صحت، تعليمي ادارن ۽ ترقياتي ڪمن جي نگراني سان گڏوگڏ اتي جيڪي فصل ٿين ٿا ان مطابق فيڪٽريون کولي بيروزگاري ختم ڪجي. زرداري صاحب جي ڏهن کان وڌيڪ ڪمند جي ملين لاءِ پوکيل ڪمند سان واٽر لاڪنگ ٿي آهي، لکين ايڪڙ زمين 18 مهينا ڪمند بيهڻ ڪري پيٽرول مٿي اچي ويو آهي ۽ سڄي سنڌ جو پاڻي کارو لوڻ ٿي ويو آهي. زرداري جي هر فيڪٽري ۽ کنڊ جو داڻو داڻو انشورنس ٿيل آهي، جڏهن ته سنڌ جي جاگيردارن جون ملون۽ فصل بنا انشورنس جي آهن.

موالي ڪاوڙ ۾ ڪامريڊ کي ڪنڌ ۾ مڪ هڻندي چيو ته سڙيو ٿا مرو زرداري صاحب جي ملڪيت تان، نواز شريف ڪرپشن جي ڪيس ۾ قابو پوءِ به سندس ڪاروبار سعودي عرب، چين، ترڪي ۽ انڊيا ۾ هلي پيو، ڪنهن ان کي تنگ ڪيو آهي. پاناما ليڪس جو فيصلو اچي ته پوءِ ڏسجو ته زرداري صاحب گو نواز گو جي تحريڪ هلائي ڪيئن ٿو؟ کيس وري جمهوري ادارن سان ساٿ ڏيڻ تي مجبور ڪري ادارن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ کان پاڻ کي بچائڻو به آهي. عمران خان کان اڳ مشعال خان جي تعزيت لاءِ به زرداري صاحب وڃڻو هو پر ادارن اجازت نه ڏنس هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اڄ عدالت پاناما ليڪس جو فيصلو ڪنهن جي حق ۾ ٿو اچي ۽ ان فيصلي کانپوءِ سياست جو نئون کيل شروع ٿيندو. خدا ڪري سنڌ جي وارثن کي سنڌ بچائڻ جي سمجهه اچي. ڇو ته فيصلو ڪهڙو به اچي ”ن“ ليگ جي طاقت هاڻ پنجابين جي طاقت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي زراعت، صحت ۽ تعليم جي ترقي جي دعوائن جي حقيقت

آغا نور محمد  پٺاڻ گذريل هفتي جي اخبارن ۾ ڪجھه خبرون پڙهڻ سان دل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے