27 خميس , جولاءِ 2017

انتظار جون گهڙيون ختم، پاناما وارو پينڊورا باڪس کلڻ وارو

گل  مورو

نيٺ پاناما وارو پينڊورا باڪس کلي رهيو آهي لاڳيتو هڪ سال کان پوءِ ان ڪيس جو فيصلو 20 اپريل يعني اڄ ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ پنهنجي ضمني ڪاز لسٽ ۾ اهو حڪم نامون ڄاڻائي ڇڏيو آهي ته جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ جنهن 23 فيبروري تي سموري ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي پاڪستان جي تاريخ ۾ شايد ڊگهي ۾ ڊگهي ليکي ويندي جو ڪيس جي ٻڌڻي روزانو 126 ڏينهن تائين هلندي رهي. ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جا پروانا ۽ ٻيون جماعتون پنهنجا دليل ڏينديون رهيون ۽ انهيءَ فيصلي محفوظ ڪرڻ وقت جسٽس آصف کوسي پنهنجا ريمارڪس ڏيندي اهو چيو هو ته فيصلو قانون جي مطابق اهڙو ڏنو ويندو جو 20 سالن تائين عوام ان کي ياد رکندو.

سو ڏسڻو آهي ته هي فيصلو ڪنهن جو مستقبل سنواري ٿو ۽ ڪنهن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ٿو ڇو ته پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان جنهن وڏي عرصي کان وٺي انهيءَ جستجو ۾ رهيو ته ڪهڙي به طريقي سان ميان نوازشريف کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ پاناما وارو معاملو ثابت ڪري ڏيکارجي ته ان ۾ هو ملوث رهيو آهي جنهن لاءِ ان جي وڪيلن ۽ سندس پارٽي اڳواڻن ن ليگ جي مک اڳواڻن ميان نوازشريف کان وٺي سندس خاندان پٽن ۽ ٻين مٿان اهو الزام مڙهيو ته اهي مني لانڊرنگ واري مامري ۾ ملوث رهيا آهن لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪي ملڪيتون ٺاهيون ويون آهن اهي به ڪرپشن جي ڪري ٺاهيون ويون آهن جڏهن ته ميان نوازشريف جي وڪيلن عدالت ۾ ان کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا دليل ڏنا ته ميان نوازشريف سعودي واري اسٽيل مل وڪڻي دبئي پئسا منتقل ڪيا ۽ انهن ئي پئسن مان لنڊن وارا فليٽ پنهنجي پٽن لاءِ خريد ڪيا. جڏهن ته اوچتو ئي اوچتو ميان نوازشريف قطري وارو خط به کڻي پهتو ته کيس قطري جي شهزادي اها دولت کيس تحفي ۾ ڏني هئي اهي سمورا ثبوت اهي سموريون ڳالهيون ۽ اهي سمورا دستاويز ٻنهي ڌرين پاڻ کي سچو ثابت ڏيکارڻ لاءِ عدالت ۾ جمع ڪرايا جنهن تي وڪيلن کان ڪيترائي ڀيرا سوال به ٿيندا رهيا ۽ سڄي ملڪي توڙي غير ملڪي ميڊيا جون نظرون هن ئي پاناما واري فيصلي تي هڪ سال کان وٺي کتل رهيون ۽ اهي انتظار جون گهڙيون نيٺ ختم ٿيڻ تي پهتيون آهن. ڏسڻو آهي ته هي فيصلو ڪهڙو ٿو اچي ڪير ٿو هن فيصلي سان متاثر ٿئي ۽ ڪنهن جي سوڀ ٿئي ٿي. ڇو ته هن وقت ٻئي ڌريون يعني پي ٽي آءِ توڙي ن ليگ دعوائون ڪري رهيون آهن ته سندن .ئي حق ۾ فيصلو ايندو.

جڏهن ته تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته هن فيصلي جا 3 امڪاني نتيجا نظر اچي رهيا آهن ٿي سگهي ٿو ته ميان نوازشريف جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڪري کيس آجو ڪيو وڃي ته ٻئي طرف وري اهو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته ٿي سگهي ٿو ته هن فيصلي تحت ئي يوسف رضا گيلاني جيان هن کي به نااهلي واري زمري ۾ آندو وڃي اهو ان ڪري جو پ پ به اهي ئي دانهون ڪري رهي  آهي ته ن ليگ لاءِ ملڪ اندر هڪڙو قانون ۽ پ پ لاءِ ٻيو قانون آهي سو ان جو ٽوڙ گولڻ لاءِ اهو فيصلو به اچي سگهي ٿو جڏهن ته ڪن تجزئي نگارن جو اهو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هن فيصلي تحت ڪا اهڙي ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا وري نئين سر هن سموري معاملي جي جانچ ڪري. سو هن فيصلي جي حوالي سان جيترا وات اوتريون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانيا ۾ زندگي کان موڪلائڻ جو حق ملڻ جو ڪيس هلندڙ

تنوير زمان خان لنڊن هڪ اڳوڻي ليڪچرر، برطانيه جي هاءِ ڪورٽ ۾ ”معاون موت“ (ASSISTED …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي