29 خميس , جون 2017

پاناما پيپر ڪيس: دنيا جي تحقيقاتي تحافت جو وڏو ڪارنامو

علي محمد ميمڻ

پاناما پيپرز  ڪيس، ملڪي ۽ بين الاقوامي ڏوهن ۾ ملوث، دنيا جي مالدار ماڻهن طرفان پنهنجن ملڪن ۽ دنيا جي عالمي قانونن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ڪيل بدعنوانين بابت  دنيا کي ڇرڪائيندڙ  غير معمولي عالمي ڪيس  آهي. جنهن ۾ ملوث ڪيترن ئي ملڪن جا حڪمران، وڏيون شخصيتون  ۽  دنيا جا بي تاج بادشاهه جيڪي ملڪن ۽ قومن کي پنهنجي اشارن تي نچا ئيندا  ٿا رهن . انهن جي پنهنجن ملڪن مان چوري ڪيل دولت  ۽ انهن جي هنيل ڌاڙن بابت  پڌري ٿيل دستاويز پاناما پيپرز ، جي تحقيقاتي رپورٽ دنيا کي لوڏي ڇڏيو بي شڪ هي  دنيا جي آزاد صحافت جو هڪ وڏو انڪشاف ۽ ڪارنامو آهي. جنهن ڪري ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن  کي استعفائون ڏيڻيون پيون ۽ اهم شخصيتن کي پنهنجن ملڪن جي عدالتن ۽ عوام آڏو پيش ٿيڻو پيو ۽ سزائون ڀوڳڻيون پيون آهن، بيشڪ!  اهو اسڪينڊل  نه صرف هڪ عالمي معاملو آهي پر ان سان گڏوگڏ ان ڪيس ۾ اسان جي ملڪ جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جي خاندان بابت دستاويز پڻ  شائع ٿيا. جنهن تي ملڪ ۾ وڏي هنگامي بعد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان پاناما ڪيس جو23 فيبروريءَ تي محفوظ ڪيل فيصلوآخرڪار ٻن مهينن جي عرصي بعد اڄ 20 اپريل تي منجهند 2 وڳي ٻڌايو ويندو، جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ 26 ٻڌڻيون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 23 فيبروري تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز افضل خان، جسٽس گلزار احمد، جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو. اعليٰ عدالت 26 ڏينهن ٻڌڻيون ڪري فيصلو محفوظ ڪيو ۽ اهو قرار ڏنو هو ته هن ڪيس جو فيصلو مختصر نه ٻڌايو ويندو ۽ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويندو،  يقينن اڄ اهو تاريخي ڏينهن اچي ويو آهي جو ملڪ جي سپريم عدالت طرفان، ملڪ، قوم ۽ دنيا آڏو پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ طرفان پاناما جو فيصلو ٻڌائڻ جي تاريخ  جي اعلان بعد اسلام آباد جي ريڊ زون ۽ سپريم ڪورٽ سميت اهم عمارتن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي ۽ سپريم ڪورٽ  جي عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاء  خاص پاس جاري ڪيا ويندا جڏهن ته ريڊ زون ۾ عام ماڻهو جي اچڻ تي پابندي هوندي. سيڪيورٽي انتظامن جي تحت عدالت جي عمارتن جي حدن  ۾ رڳو انهن ئي ماڻهن کي اچڻ جي اجازت هوندي، جن جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ هوندا ۽ مڪمل جهڙتي کان سواءِ  ڪنهن به شخص جي داخلا ۽ موبائيل فون آڻڻ تي به پابندي هوندي.

هن ڪيس بابت مختلف انداز ۾ تبصرا  ۽ تجزيا ڪيا پيا وڃن. وڏي وقت کان فيصلو محفوظ هجڻ سبب ان ڏس ۾  ڪيترائي سوال پڻ  اٿي کڙا ٿيا آهن . عالمي انڪشافن پاناما ليڪس لاڳيتو بحث جو موضوع بنيل آهي، ٽي وي پروگرام، سوشل ميڊيا کان وٺي عام عوامي هنڌن ئي محفلن ۾ پاناما ڪيس جون ٻڌڻيون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ان جي فيصلي جو  انتظار آهي،    پاناما ڪيس فيصلي  بعد ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ  صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن ) پنهنجي پارٽي اڳواڻن جو  هنگامي اجلاس گهرايو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي پي پي پي جي صدر آصف زرداري  پاران پارٽي اڳواڻن جو گڏيل  اجلاس اسلام آباد ۾ سڏايو ويو  آهي.اهڙي طرح پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت به اڄ بني گالا ۾  اجلاس ڪري رهي  آهي

گيلپ پاڪستان پاران پاناما ليڪس جو فيصلو وزيراعظم نواز شريف جي حق ۾ يا خلاف اچڻ جي حوالي سان  هڪ دلچسپ سروي پڻ ڪرايو ويو آهي، سروي موجب 244 سيڪڙو ماڻهن چيو ته فيصلو وزيراعظم نواز شريف خلاف ايندو، جڏهن ته 21 سيڪڙو عوام چيو ته فيصلو وزيراعظم نواز شريف جي فيملي جي حق ۾ اچي سگهي ٿو، 24 سيڪڙو ماڻهن جي راءِ موجب فيصلو وزيراعظم نه پر سندس گهر (فيملي) خلاف اچي سگهي ٿو، جڏهن ته 31 سيڪڙو عوام راءِ ڏني ته فيصلو نه وزيراعظم جي حق ۾ ايندو ۽ نه ان جي خلاف ايندو، 42 سيڪڙو ماڻهن چيو ته فيصلو نواز شريف جي حق ۾ آيو ته عمران خان ناڪام ٿي ويندو. عوام کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن وزيراعظم کي نااهل قرار ڏنو ويو ته اوهان جي نظر ۾ ڪنهن کي وزارت عظميٰ ملڻ گهرجي ته 26 سيڪڙو ماڻهن شهباز شريف، 18 سيڪڙو ماڻهن چوڌري نثار، 12 سيڪڙو ماڻهن مريم نواز، 11 سيڪڙو ماڻهن حمزه شريف ۽ 6-6 سيڪڙو ماڻهن خواجا سعد رفيق ۽ احسن اقبال جي حق ۾ راءِ ڏني، وزيراعظم جي نااهل ٿيڻ واري امڪاني فيصلي بابت عوام جي ردعمل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ 41 سيڪڙو ماڻهن چيو ته فيصلي تي نه غمگين ٿينداسين ۽ نه ئي خوش ٿينداسين، 10 سيڪڙو ماڻهن چيو ته هو ان فيصلي سان خوش ٿيندا، 23 سيڪڙو ماڻهن چيو ته هو ان فيصلي سان غمگين ٿيندا.

پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي وزير اعظم نواز شريف پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزير، آئين ۽ قانوني ٽيم به شريڪ آهي. هنن جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت پاناما ڪيس جو فيصلو قبول ڪندي ۽ فيصلي کان پوءِ ن ليگ پنهنجو ڀرپور رد عمل ڏيندي. ٻئي پاسي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق پاناما ڪيس کي جمهوريت خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته پاناما ڪيس جمهوريت جي قبر کوٽڻ جي شرمناڪ ڪوشش آهي. ٻئي پاسي لاهور شهر ۾ اوچتو وزيراعظم نواز شريف جي حق ۾ بينر لڳي ويا آهن، جن تي ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جا فوٽو به لڳل آهن، خانگي چئنل موجب وزيراعظم جي حق ۾ لڳل بينرن تي ”قائد تيرا ايک اشاره، حاضر حاضر لهو هماره“ جو نعرو لکيو ويو آهي. ان تازي صورتحال تي پڻ ميڊيا جي ادارن ۽ عوام ۾ گهڻو چئوٻول آهي، ڏسجي ته ٿئي ڇا ٿو؟؟؟  جي حڪمران خاندان جي پسند مطابق فيصلو نه ٿو اچي ته پوءِ ڇا حڪومت ان کي قبول ڪندي يا نه، ڪي گهڙيون باقي آهن، بس ٿورڙو انتظار.؟؟؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاشن جو ڪهڙو جيئڻ، ڪهڙو مرڻ

وسعت الله  خان ڏکڻ پنجاب مان گذرندڙ قويم شاهراهه جو اهو حصو، جتي پيٽرول جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي