28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

ڪاروباري اداري ”Apple“ جو سرمائيداري طريقيڪار

پريم مٿراڻي

تعارف: سرمائيداري سرشتو، ڪاروباري ادارن ۾ آمريت ۽ استحصال سان سرمايو پيدا ڪري سگھي ٿو، جنهن ۾ دولت جي ورڇ جو اڻبرابري وارو طريقيڪار، ڪروڙن ماڻهن جي پورهئي جي استحصال سان، چند ماڻهن کي امير ترين بڻائي ڇڏي ٿو. 2014ع جي هڪ رپورٽ مطابق، دنيا جي آبادي جو هڪ سيڪڙو ماڻهو، 110 ٽريلين ڊالرن جي دولت جا مالڪ آهن ۽ دنيا جي اڌ آبادي يعني 3.5 عرب ماڻهن وٽ، 1.7 ٽريلين ڊالرن جي دولت آهي. انگن اکرن مان ظاهر ٿيل نتيجن مطابق، انسانن جي اڌ آبادي، ”چار ڊالر في ڏينهن“ تي گذارو ڪري ٿي. هڪ ٻين انگن اکرن جي تحقيق مطابق، دنيا جي 100 امير ترين ماڻهن وٽ، دنيا جي اڌ انساني آبادي کان به وڌيڪ دولت (Wealth) آهي.  معاشي آمريت ۽ معاشي استحصال جي طريقيڪار تي ڪم ڪندڙ وڏيون وڏيون گھڻ قومي ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ادارا درحقيقت انساني غربت ۽ بدحالي جا اصل ذميوار آهن. اڄوڪي مضمون ۾آمريڪا جي ايپل (Apple) ڪمپني جو، ان پسمنظر ۾ تعارفي احوال وٺڻ جي ڪوشش ڪندا سين. اهڙي ريت دنيا جي سرفهرست 500 وڏين گھڻ قومي ڪمپنين جو، سندن ڪاروباري ادارن ۾، ملازمن جي استحصال ۽ انهن تي معاشي آمريت جو جائزو وٺي سگھجي ٿو.

”پيداوار ۽ وڪري“ ۾ ايپل (Apple) جي ڊوڙ

سال 2014ع جي رپورٽ مطابق ايپل (Apple)، اسٽاڪ ايڪسچينج تي 510 ارب ڊالرن جي قيمت رکندڙ ڪمپني آهي. ايپل جي CEO سميت ڪمپني جا حصيدار، اڳواڻ ۽ اعلى عملدار، ڳريون پگھارون، معاوضا، فائدا ۽ لکن ڊالرن جا اسٽاڪس حاصل ڪن ٿا. ايپل جي ڪارڪردگي جو سمورو دارومدار پيداوار جي کپت (Production & Sale) تي هوندو آهي. سال 2015ع جي ٽيئن ڪوارٽر ۾ ايپل (Apple)، عالمي بازار ۾ 9.6 سيڪڙو حصي پتي سان، سام سنگ (Samsung) کانپوءِ، ٻيو نمبر دنيا جي وڏي ۾ وڏي آئيفون (iPhone) (موبائيل) کپائيندڙ ڪمپني بڻجي وئي. 2015ع ۾ لڳ ڀڳ، ڪُل،  هڪ عرب ٻائيتاليھ ڪروڙ موبائيل يونٽ وڪرو ٿيا،  جنهن مان اٽڪل ٽيويھه ڪروڙ يونٽ، آئيفون جا وڪرو ٿيا. 2007ع کان 2014ع تائين ايپل (Apple)، اٽڪل 59 ڪروڙ آئيفون (موبائيل) يونٽ وڪرو ڪيا  ۽ 2015ع کان اڄ ڏينهن تائين لڳ ڀڳ، 52 ڪروڙ آئيفون وڪرو ٿي چڪا آهن. 2004ع کان 2014ع تائين، ڏهن  سالن ۾ ايپل (Apple) جي اپت (Revenue) 8 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌي 180 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي.

ايپل (Apple) لاءِ ڪم ڪندڙ هزارن پورهيتن جو آمريتي استحصال

فاڪسڪان (Foxconn) چين ۾، ايپل (Apple) لاءِ وڏي پئماني تي، آئيفون ۽ آئيپيڊ (iPhone & iPad) تيار ڪندڙ، ڪاروباري ادارو آهي. ايپل کانسواءِ، اميزان (Amazon)، گوگل (Google)، مائيڪروسافٽ (Microsoft)، انٽيل (Intel)، ايسر (Acer)، بليڪ بيري (Blackberry) ۽ سوني سميت ڪيتريون ئي اليڪٽرانڪ ڪمپنيون فاڪسڪان جون گراهڪ (Customer) آهن. ان جون ماتحت ڪمپنيون، پيگاٽران شنگھائي (Pegatron) ۽ ريِٽينگ (Riteng)،  ايپل (Apple) جي ڪمپيوٽرن ۽ موبائيلن جا پرزا تيار ڪن ٿيون ۽ AVY،  آئيپيڊ (iPad) جا پرزا تيار ڪري ٿي. چين جي هڪ تحقيقاتي اداري جي پيگاٽران بابت، 2014ع جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اتي ملازمن کي هفتي ۾ ڇهه ڏينهن ۽ في ڏينهن يارنهن ڪلاڪ ڪم ڪرايو ويندو هو، جنهن مان ڪجھه ڪلاڪ بغير اجرت جي به ڪم ورتو ويندو هو. پورهيتن کي نه تربيت ڏني ويندي هئي ۽ نه ئي فيڪٽرين ۾ انهن جي لاءِ، جوڳا حفاظتي بندوبست مهيا ٿيل هوندا هئا ۽ نه ئي ملازمن، کي ملازمت ڏيڻ مهل، ڪم ڪرڻ دوران سندن صحت سان لاڳاپيل مضر اثرن بابت گھربل ڄاڻ ڏني ويندي هئي. ملازم کي ٻه ڊالر في ڪلاڪ کان به گھٽ  اجرت ڏني وئي،  جيڪا شنگھائي جهڙي شهر ۾ رهڻ ۽ گذر سفر ڪرڻ لاءِ انتهائي گھٽ رقم آهي. جيڪڏهن ڪو ملازم ڪنهن سبب جي ڪري ٽن مهينن تائين پيگاٽران ۾ ڪم نه ڪري سگھندو هو، ته انهن جي اجرت جو وڏو حصو ڪٽيو ويندو هو.

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته 10,000 کان مٿي،  گھٽ عمر وارن  شاگردن کي، انٽرنشپ دوران بنا ڪنهن حفاظتي بندوبست جي، عام ملازمن واري ساڳي ماحول ۾ ڪم ڪرايو ويندو هو ۽ انهن کي معاوضو يا ته پورو نه ملندو هو يا صحيح وقت تي نه ملندو هو. تنهن جي ڪري شاگرد ڪجھه ڏينهن کان مٿي نه ٽڪي سگھندا هئا.

ملازمن کي ڪم ڪرڻ جي دوران ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي هئي ان حد تائين جو ڪم ڪرڻ دوران ڳالهائڻ جو اثر، سندن مهيني جي پگھار تي پوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن ملازم وقت کان اڳي ڪم ختم ڪيو ته انکي هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ملازمن کي بيت الخلا وڃڻ لاءِ، سندن ٽيم ليڊر کان اجازت وٺڻ لازم هوندو هو، جنهن کي هو بهاني بازي سمجھندي، رد به ڪري سگھندو هو. فيڪٽري جي قانون مطابق، ورڪرن کي ڏينهن ۾ ٻه دفعا، يعني ٻن پهرن جو ۽ شام جي کاڌي جو وقفو ملندو هو. ان کانسواءِ پاڻي يا بيت الخلا وڃڻ جي موڪل به نه هوندي هئي.

AVY Precision Electroplating Company ۾ اسي سيڪڙو ملازم مسلسل بيهي ڪم ڪندا هئا. فيڪٽري ۾ ويهڻ جي لاءِ ڪجھه جڳهيون هونديون هيون، جتي ملازم ڪجهھ گھڙي ويهي سگھندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن ملازم پنهنجي ڏنل ڪوٽا مطابق ڪم پورو نه ڪيو ته ان صورت ۾ اوورٽائم شفٽ کي وڌايو ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان وڌايل شفٽ ۾ کاڌي جو وقفو به نه ملندو هو. 12 ڪلاڪن جي شفٽ لاءِ، ملازم جي روزانو ڪم ڪرڻ جو مدو، اچ وڃ جي وقت کي شامل ڪرڻ سان، لڳ ڀڳ 16 ڪلاڪ ٿي ويندو هو. ملازم اڪثر ٿڪل ۽ بي حال حالت ۾ مسلسل ڪم ڪندا رهندا هئا.

تحقيقاتي اداري معلوم ڪيو ته، پيٽراگان ۾، چين جي قانون جي خلاف ورزي ڪندي، حاملا عورتن کان، هفتيوار، 60 ڪلاڪ کان به مٿي پورهيو ڪرايو ويندو هو . حاملا پورهيت عورتن لاءِ، چين ۾، ڏنل رعايتن بابت قانون جي عورتن کي خبر ئي ڪانه هوندي هئي. اهي حاملا عورتون، جن وٽ ٻار پيدا ڪرڻ جي قانوني اجازت نه هوندي هئي انهن جو، ويم معاوضو (Maternity Benefit) منسوخ ڪيو ويندو هو.

فيڪٽري جي ڪيفي ٽيريا ۾ کاڌي جي لاءِ لڳل قطار ۾، ڏهن منٽن کان مٿي انتظار ڪرڻوپوندو هو. کاڌو انتهائي سادو هوندو هو ۽ ٻيهر گرم ڪري ڏنو ويندو هو. ٽائم مشين لڳل هجڻ جي ڪري، ورڪرن کي فيڪٽري کان ٻاهر وڃي چڱي کاڌي کائڻ جي اجازت نه هوندي هئي.

12 ڄڻن کي، 200 چورس فٽ جي اجتماعي رهائش/هاسٽل (Dormitories) ۾ رهڻو پوندو هو. ٿدي پاڻي سان وهنجڻ لاءِ چوويهن ڦوهارن (Showers) مان هڪ کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ، سوَن پورهيتن کي قظار لڳائڻي پوندي هئي. ملازمن کي ماهوار 16 ڊالر، ان رهائش جو ڀاڙو ڏيڻو پوندو هو. رهائش ۾ داخلا لاءِ ملازمن کي پنهنجو ڪارڊ سوئپ ڪرڻو پوندو هو.

سيپتمبر 2012ع ۾ فاڪسڪان تائيووان فيڪٽري (Foxconn’s Taiyuan factory) ۾ وڳوڙ ٿيو، جنهن ۾ ٻن هزارن کان مٿي ملازم شامل هئا ۽ چاليھه ماڻهو زخمي ٿيا. وڳوڙ جي شروعات ملازمن ۽ محافظ آفيسرن جي وچ ۾ جھيڙي سان ٿي. انهئي ساڳي عرصي ۾ ايپل ، پنهنجن نون پيداواري ماڊل يونٽن،  جھڙوڪ: آئيفون 5 (iPhone 5)، ٺاهڻ جو تمام وڏو آرڊر فاڪسڪان کي ڏنو هو. فاڪسڪان جي فيڪٽرين ۾ ايپل جا پيداواري يونٽ (آئيفون، آئيپيڊ، آئيپاڊ وغيره) ٺاهيا ويندا آهن، جتي انتظامي عملداري جو طرزعمل، انتهائي آمراڻو (Autocratic) هوندو آهي ۽ هيٺيان ملازم سدائين دٻاءَ ۽ بيزاري ۾ رهندا آهن. ڪم ڪرائڻ جو ”دٻاءُ ۽ سزا“ وارو عملداري طريقيڪار، ڪيترين ئي (ٻن ڊزن کان مٿي ملازمن جي) خوڪشين (Suicide) جو ڪارڻ بڻجي چڪو آهي. خودڪشين کي روڪڻ جي لاءِ، رهاشي جڳهين جي چوڌاري لوهي ڄاريون (Steel Net) لڳايون ويون آهن ته جيئن ملازم مٿين ماڙين تان ٽپا ڏيئي، خودڪشيون نه ڪري سگھن.

ايپل جي يونٽن جي پيداواري هنڌن تي ڪيترا ئي نقصانڪار ماده جهڙوڪ ٽولين (Toluene)، فارملڊي هائيڊ (Formaldehyde)، شيهي جو دونهون  (Lead Smoke)، ايٿينول امائن (Ethanolamine)، بيوٽينون (Butanone)، آئيسوپروپائيل شراب (Isopropyl Alcohol)، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ، ڌوڙ ۽ ليزر تابڪاري (Laser Radiation) موجود رهن ٿا. مزدورن کي انهن کان بچڻ جي لاءِ، حفاظتي هدايتن تي سختي سان عمل نٿو ڪرايو وڃي. 2009ع ۾، اتر چين ۾، 100 کان وڌيڪ ملازم، آئيفون جي اسڪرينن (Screen) جي صفائي دوران، اين-هيڪسين (N-Hexane) جي ڪارڻ پيدا ٿيندڙ زهريلي اثرن کان متاثر ٿيا جيڪي علاج جي باوجود،  اڃان تائين انهن اثرن کان آجا نه ٿي سگھيا آهن. 2011ع ۾ شينگدو (Chengdu)، آئيپيڊ (iPad) جي فيڪٽري ۾، ڌماڪن دوران 4 ماڻهو مري ويا ۽ 77 زخمي ٿيا. ان کانپوءِ ريٽينگ (Riteng)، شنگھائي ۾، ڊسمبر ۾ آئيپيڊ جي فيڪٽري  ۾ ڌماڪي دوران 59 ماڻهو شديد زخمي ٿيا. ڪجھه ملازمن جا چهرا خراب ٿي ويا. ڪيترن ئي مهينن تائين انهن متاثرن کي معاوضو به نه مليو. اهڙين حالتن جي ڪري ملازم، ان اداري ۾ گھڻو وقت رهڻ پسند نه ڪندا هئا، مثال: مارچ 2013ع ۾ ٿيل 110 نين ڀرتين مان، 80 ڄڻا ستت ئي گھٽ اجرت، ڪم جي دٻاءَ، نامناسب ماحول ۽ سخت انتظاميا جي ڪري AVY ڇڏي ويا.  ان کانسواءِ هڪ رپورٽ مطابق،  چين ۾ ايپل،  ٽيڪس چوري، تاريخون پٺتي ڪرڻ (Backdating)، غير حقيقي مشهوريون (Advertisements)، ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي پڻ مرتڪب ٿي آهي.

”منافعي“ اڳيان جھڪندڙ ”ڪامل معيار“ (Perfect Quality)

شاگردن ۽ تحقيق دانن ۽ ٻين تحقيقي ادارن طرفان شايع ٿيندڙ اهڙين ادارياتي ڪوتاهين خلاف شڪايتن کي، ايپل (Apple) ۽ فاڪسڪان طرفان مسلسل نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي. ايپل يقيناً پنهنجي  جوڙيوال،  پيداوار جي چين وارن ڪارخانن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندي. بلڪ هو ته انڊيا ۽ آفريڪا ۾ سندس لاءِ ساڳي طريقيڪار تي سستا، پيداواري ڪارخانا ڳولهي رهي آهي. ايپل جو، ”معيار تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي کي  برداشت نه ٿيڻ جوڳو (Zero Tolerance) قرار ڏيڻ“ واري دعوى،  سندس ”منافع بخش عملداري (Management for Profit) “ واري دستور ۾ لکيل، هڪ سٽ کانسواءِ، ٻي ڪابه معني نٿي رکي،  تڏهن جڏهن، ڪروڙن جي تعداد ۾ تيار ٿيندڙ ايپل (Apple) جا پيداواري يونٽ، سرمائيداري بازاري طريقيڪار (Market) ۾، ڪروڙن ماڻهن ۾ وڪري (Sale) ذريعي، ايپل جو بازاري حصو (Market Share) ٺاهين ٿا ۽ ڪاروباري ادارن ۾لکن پورهيتن جي استحصال ۽ معاشي آمريت (Exploitation and Economic Dictatorship) سان، منافعي جي شرح ۾ واڌارو ڪن ٿا.

قديم ٽئڪنالاجي جو دهرائجندڙ، سرمائيداري پيداواري عمل

2007 ع ۾ آيل آئيفون اصلي (iPhone Original) ۽ 2016 جي آئيفون 7 پلس (iPhone 7 plus) ۾، بنيادي سطح تي، ساڳي ٽئڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويو آهي. ان ۾ فون يونٽ جي سائز (ڊيگھ ۽ ويڪر)، ٿولهه، اسڪرين ، برائوزنگ، ڪيمرا، ڊيٽا اسٽوريج، پوئين ڪور جو رنگ، بهتر ڪارڪردگي وارا پروسيسر ۽ آپريٽنگ سسٽم (iOS) وغيره ۾ تبديلين سان، آئيفون جي مختلف ماڊلن (پيداواري نمونن) کي، حياتياتي درجي بندي (Biological Classification) جي طرز تي،  نسل (Generation)، ڪٽنب (Family)، درجو (Order) ۽ انواع (Species)  جي اصطلاحن جي غيرضروري استعمال سان،  متعارف ڪرايو ويو آهي. گذريل ڏهاڪن کان موبائيل ٽيڪنالاجي ۾ بنيادي سطح تي، هارڊويئر ۾، گهٽ تحقيق ٿي آهي. ان جو سبب هي ٿي سگھي ٿو ته موبائيل ٺاهيندڙ ڪمپنيون، تحقيق جي ان شعبي ۾، ڪا وڏي سيڙپ نٿيون ڪن. انهن جو مقصد، آپريٽنگ نظام (OS) ۾  تبديلين سان، قديم ٽئڪنالاجي جي دهرائجندڙ استعمال (Repeated Use of Old Technology) ذريعي، حصيدارن لاءِ منافعو ڪمائڻ بڻجي ويو آهي. هن موضوع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ايندڙ مضمونن ۾ ڪندا سين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ملاکڙو : مٺايون کايئندڙ پهلوان پريشان

علي محمد ميمڻ ڪورٽ جي پاناما ڪيس بابت فيصلي جي موقعي تي ملڪ جي عوام …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي