25 آچر , جون 2017

خاموش ڪيل مشعال

زاهد  حسين

مشعال خان انهيءَ مذهبي جنونيت جو نه پهريون شڪار بڻيو آهي نه ئي وري آخري، جيڪا جنونيت اسان جي سماج ۾ پاڙون پختتون ڪري چُڪي آهي. مردان يونيورسٽيءَ جي هن شاگرد کي جنهن نموني تشدد جونشانو بڻايو ويو، تنهن ڏوهه ئي ڏڪائي ڇڏيا آهن ۽ هن واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مذهب جي نالي ۾ ڪيئن نه هجوم کي ڀڙڪائي اشتعال ۾ آڻي سگهجي ٿو، جن ماڻهن مشعال کي گوليون هنيون ۽ پساهَه پورا ٿيڻ کانپوءِ به کيس ڪُٽيندا رهيا، تن ۾ اڪثريت سندس دوست شاگردن جي ئي هئي.

هن سموري معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ ڪردار يونيورسٽي جي ڪجهه استادن ۽ ملازمن جو هو، جن شاگردن کي تشدد ۽ توهين رسالت جو الزام هڻڻ تي ڀڙڪايو. سو هي واقعو جتي پيش آيو سو اعليٰ تعليم جو هنڌ هو، ۽ تعليم يافته ماڻهن جي ٻڌل هجومُ ئي هن حيواني عمل ۾ ملوث هو، هيءُ ملڪ جتي انساني زندگي انتهائي سستي آهي، تنهن ۾ ههڙي بزدلاڻي ڪارروائي جومثال نه ملندو.

هيءُ قتل انتهائي ڪڌو ڪم هو ۽ ان جو مقصد هڪ اهڙي ذهين شاگرد کي هميشا هميشا لاءِ خاموش ڪرڻ هو، جنهن يونيورسٽي ۽ ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، تنهن بابت سوال اٿارڻ ۽ ڳالهائڻ جي جرئت ڪئي. سندس ان عمل مان لڳي ٿو ته يونيورسٽيءَ جي ڪجهه انتظامي عملدارن چيڙائي وڌو ۽ هنن کيس حق سچ ڳالهائڻ تي سبق سيکارڻ جو سوچيو. سو سندس خلاف اشتعال پيدا ڪرڻ ۽ ۽ وڌائڻ لاءِ توهين رسالت جو الزام هنيو ويو.

ڏٺو وڃي ته اهڙن تعصب پرستن جي ڪا کوٽ ڪونهي، جيڪي بغير ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ جي، بنا ڪنهن سبب جي معاملن ۾ ڪاهي ٿا پون، ڀلي اهي پڙهيل لکيل ئي ڇونه هجن، پر مذهب جي نالي تي ماڻهو مارڻ لاءِ به تيار ٿيو ٿا وڃن. هجومَ کي ڪَٺو ٿيڻ ۾ ڪو وقت نه لڳو، انهن ۾ کوڙ ته اهڙا به هئا، جن جو مڪمل مذهبي جُهڪاءُ به نه هو. تشدد جي وڊيو به جي ڏسجي ته ماڻهوءَ جو روح ئي روئاڙي ٿي ڇڏي ۽ اهو ڏسي به تعجب ٿئي ٿو ته ڇا هي انسان آهن؟

هن واقعي جو ٻيو ڀيانڪ پاسو هن دردناڪ واقعي ۾ چونڊيل ڪائونسل سميت سياسي جماعتن جي ميمبرن جو ملوث هجڻ آهي. وڊيو ۾ کين قتل تي جشن ملهائيندي ڏيکاريو ويو آهي. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته مختلف سياسي نظرين ۽ خيالن سان لاڳاپيل ماڻهن گڏجي هن ڏوهه ۾ حصو ورتو، جنهن هن سڄي واقعي کي هڪ نئون رُخُ ڏئي ڇڏيو آهي. لڳي ايئن ٿو ته قتل جو اصل ڪارڻ لڪائڻ لاءِ توهين رسالت جي آڙ ورتي وئي.

مشعال ترقي پسند ذهن جو سوچڻ ۽ لوچڻ وارو شاگرد هو ۽ اسان جي تعليمي ادارن ۾ جيڪا صورتحال آهي، تنهن ۾ اهڙآ آزاد خيال شاگرد ورلي ئي ملندا. رياست طرفان ڏهاڪن کان وٺي انتهاپسندي کي تاتڻ ۽ پالڻ جي ڪري تشدد ۽ عدم برداشت جي روايت جنم ورتو ۽ ساڃاهه واري سوچَ جي رستا روڪ ٿي.

13 اپريل 2017ع تي پيش آيل هن واقعي کي الڳ نموني قطعي طور ڏسي نه ٿو سگهجي. گذريل ڪجهه هفتن کان ڪجهه حڪومتي ڌرين، عدليه ۽ ميڊيا طرفان سوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي زمري ۾ ايندڙ مواد بابت مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ترقي پسند بلاگرن کي توهين رسالت جي عمل ۾ ملوث هئڻ جي ثبوتن بنا کنڀيو پيو وڃي. اهڙي قسم جي عمل ۽ مهم وري سماج جي شدت پسند طبقي ۽ شدت پسند عالمن جو مَن ويتر وڌائي ڇڏيو آهي، جيڪو سندن مذهبي تشريح سان اختلاف ڪري ٿو ته ان جي عقيدي بابت سوال اٿارڻ شروع ٿا ڪن.

ايتري قدر جو هنن وزيراعظم کي به نه بخشيو ۽ هندو برادري طرفان ملهايل ڏياريءَ جي تقريب ۾ هن جيڪا تقرير ڪئي، تنهن تي مٿس توهين رسالت جا الزام هنيا ويا. نه رڳو ڪجهه شدت پسند عالمن پر نام نهاد ٽي وي اينڪرن به سندس خلاف اهڙي مهم هلائي. انهن ۾ ايئر فورس جو ريٽائرڊ اهم آفيسر به شامل هو، جيڪو هينئر تجزيي نگار بڻجي ويو آهي. اهڙي عمل سان ته وچولي زماني ۾ يورپ ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي ياد تازي ٿي وئي آهي، جنهن دور ۾ هر ڪنهن کي بدعتي ۽ اڇوت سمجهيو ويندو هو. سو الزام جڏهن قتل جو لائيسنس بڻجي وڃي ته سماجَ ۾ خوف جي صورتحال جنم وٺندي آهي. مذهب جي آڙ وٺي نشانو بڻائي ٿيندڙ قتلن تي انتظاميا جي خاموشي پڻ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي آهي.

قاتلن کي ڪيئن نه عظيم ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي، تنهن جو هڪ مثال اسلام آباد ٻاهران ممتاز قادريءَ جي مزار جي تعمير آهي. پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قاتل کي شهيد ۽ درويش قرار ڏنو پيو وڃي. هزارين عقيدت مند روزانو سندس مزار تي حاضري ڀرين ٿا، جن ۾ ريٽائر جج ۽ سياستدان به شامل آهن. اهي سزايافته قاتل کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ اچن ٿا ۽ قانون جي خلاف ورزي واري هن معاملي ۾ انتظاميا مڪمل طور بيوس نظر اچي ٿي. سو رياست جي ڪمزوري چئجي يا مجبوري پر ان جو نتيجو ئي آهي جو مردان ۾ پيش آيل دردناڪ واقعي جهڙا واقعا پيش اچن ٿا.

يقيني طور هن واقعي جا ڪجهه سازشي گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ مٿن فرد جرم لاڳو ٿيندو، پر هي معاملو رڳو هڪ واقعي جو ناهي، پر سزا ۽ جزا کان آجو هئڻ واري روايت وڌي وئي آهي، سا توهين رسالت جي نالي ۾ قتل کي ڄڻ ته جائز ٿي بڻائي. هن واقعي تي عوامي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ توڙي نندا باوجود ڪي عالم اڃا به اهڙا آهن، هن واقعي جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي ڪنهن به ڊڄ يا مجبوريءَ کان اهڙو رويو اختيار ڪيو ويٺا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جا ٻئي ڪارڻ هجن.

شروع شروع ۾ ته هن واقعي تي ڪجهه مکيه سياسي جماعتن جي ردعمل کي دٻايو ويو پر جڏهن ميڊيا هن ڏوهاري واقعي کي کنيو ته پوءِ گهڻن ۾ واقعي جي مذمت جي جرئت پيدا ٿي. سو ڀئُه ۽ سياسي مجبورين جي ڪري ئي مونجهارو رهيو. ڏوهه ڏڪائيندڙ واقعي سبب ملڪ ۾ ڏک جي لهر ته پيدا ٿي هوندي پر ماضيءَ جيان لڳي ٿو ته هي واقعو ڪجهه وقت تازو رهندو ۽ پوءِ سڀ وساري ڇڏيندا. واقعي جي رڳو مذمت ڪري ڇڏڻ ڪافي ناهي پر ملڪ اندر وڌندڙ مذهبي ڪٽرپڻي کي روڪڻ لاءِ جامع پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي.

هن تازي سانحي سياسي قيادت کي موقعو فراهم ڪيو آهي ته آئين ۾ ترميم لاءِ ڪم ڪيو وڃي ته جيئن توهين رسالت جو غلط استعمال روڪي سگهجي، جيئن مستقبل ۾ مردان جهڙي واقعي کان بچي سگهجي. ان کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي. توهين رسالت واري قانون ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. انتهاپسنديءَ جي پاڙ ان وقت تائين پٽي نه ٿي سگهجي، جيستائين ان خلاف جرئتمندائپ وارا اپاءَ نه ٿا ورتا وڃن. مشعال خان کي خاموش ڪري انتهاپسندن وڏي واڪي هڪ چٽو نياپو ڏنو آهي، پر ڇا سياسي قيادت کي اڳتي اچي ان چيلينج کي للڪارڻ جي همت آهي؟ اميد ڪجي ٿي ته مردان سانحو کين اگهور ننڊ مان ضرور جاڳائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ليڪس ۽ ادارن جي ٿيندڙ بدنامي

صاحب خان ڀٽي تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ سرڪار  پاناما ليڪس واري معاملي تي هڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي