27 ڇنڇر , مئي 2017

عوامي آواز : يونيورسٽين جي حالت مدرسن کان به خراب آهي، نصاب تشدد سيکاري ٿو : دانشور / قومپرست | پروگرام : اڄ جو سوال

تشدد جو ٻج ضيا دور ۾ ڇٽيو ويو، ثقافتي سرگرمين سان ذهن تبديل ٿيندا: انعام شيخ

ملڪ ۾ انتهاپسندي نه دهشتگردي آهي، اڳتي پنجاب نشانو بڻبو: جي اين کوسو

ڪراچي (رپورٽر)يونيورسٽين جي حالت مدرسن کان به خراب ٿي وئي آهي. استاد انتظامي چارج وٺڻ، گروهه بندين ۽ هڙتالن ۾ رڌل آهن. پڙهائڻ سان ڪادلچسپي ئي نٿا رکن. سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن جو هڪ مخصوص گروهه آهي جنهن هر شعبي ۾ پنهنجا ماڻهو  ڀرتي ڪرايا آهن، اهو گروهه مختلف واقعن ۾ ملوث آهي. اهڙو اظهار عوامي آواز جي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ نامياري دانشور انعام شيخ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ انتهاپسندي واري مسئلي تي ٽيلي فون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تشدد ۽ انتهاپسندي جون پاڙون ٽيهه سال اڳ ضيا دور ۾ پوکيون ويون. هن ذاتي ۽ گروهي مفادن جي ڪري غلط فيصلا ڪيا. انعام شيخ چيو ته نورين لغاري وارو واقعو سوشل ميڊيا جي ڪري ٿيو آهي، هڪ پروفيسر جي اولاد جو انتهاپسند ٿيڻ ڏک جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌ جو دانشور هڪ ٻئي خلاف سازشون ڪرڻ ۾ مشغول آهي. دانشورن ۾ سٺي ڪردار جي جاءِ اين جي او ڪلچر والاري آهي، اسٽڊي ڪلچر، ڊرامن، راندين، لائبريري وارين سرگرمين ختم ٿيڻ ڪري ٻار ناڪاري سرگرمين ڏانهن مائل ٿئي ٿو، ادبي سنگت ۽ ساڃاهه وند به ڪردار ادا نٿا ڪن. شاهه عبدالطيف چيئر تي رٽائر ٿيل ڳجھون ويٺيون آهن، سياسي ارادي ثقافتي سرگرمين، اسڪائوٽنگ، جشن لطيف جهڙين سرگرمين سان ذهنن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي، هن سڄي بحران کي ثقافتي تحريڪ منهن ڏئي سگهي ٿي. ثقافت کاتي ۾  شرميلا فاروقي واري دور ۾ رڳو پئسا کاڌا ويا سنڌ ۾ سوشل ميڊيا جي ڪردار ۾ بهتري جي گنجائش آهي، ان کي هاڪاري طور استعمال ڪرڻ گهرجي. پروگرام ۾ ٽيلي فون تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي اين کوسي چيو ته ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي نه مذهبي دهشتگردي رائج آهي، حڪمران طبقو نصاب جي تباهي جو ذميوار آهي، جنهن ڪري ٻار تشدد طرق وڃن ٿا، تعليمي نصاب ۾ سائنس، روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ بحث مباحثي تي پابندي مڙهيل آهي، هاڻي ماڻهو مسجد، مندر، يونيورسٽين ۾ محفوط ناهن، ڀيل ۽ ڪوهين کي قبرستان ۾ دفن به نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي. مذهبي دهشتگردي جو نشانو اڳتي هلي پنجاب ئي ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-05-27-15h27m25s174

عوامي آواز رپورٽ |تلهار: لوڊ شيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

*تلھار ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيترن ئي ڏينھن کان بجلي جي لوڊشيڊنگ ماڻهن جو جيئڻ جنجال …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي