25 اڱارو , اپريل 2017

عوامي آواز:رپورٽ

رپورٽ: يوسف مير بحر

ڪئمرامين: حضور بخش

سينئير سياستدانن ، دانشورن ۽ ليکڪن چيو آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جن ماڻهن جي لاءِ جدوجهد ڪئي، اُنهن جي سچائيءَ تي اڄ به کين يقين آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي سڄي زندگي سچائي ۽ جدوجهد ڪرڻ ۾ گذاري آهي ۽ هو نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو،

هنن حيدرآباد جي خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي ۾ ڄام ساقي بابت لکيل ڪتاب ”چلو چلو ڪي وه منزل ابهي نهين آئي“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

 ان موقعي تي کاهوڙي ڪردار ۽ برک ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ڳالهائيندي چيو ته کيس جيل مان جڏهن جناح اسپتال آندو پئي ويو ته هن تنهن وقت جي صدرضياءِ الحق سان ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته آئون ڪنهن به سرڪاري عملدار سان نه ملندس، ڇوته جيل کان اسپتال تائين آڻڻ وقت اسڪرپٽ لکندڙ ۽ ڊائريڪٽر ساڳيائي ماڻهو آهن.

سندس چوڻ هو ته شاهي قلعي ۾ قيد وقت هڪ اهلڪارن کائنس پڇيو ته اوهان جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي ڇو سفارش ڪئي آهي ته اوهان جو خاص خيال رکيو وڃي.

ڪامريڊ جام ساقي جو چوڻ هو ته ملڪ کي بچائڻو آهي ته هارين کي زمين ڏني وڃي، جيڪي جان ڏئي به ملڪ کي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا.

 هن چيو ته هو جڏهن ماسڪو ويو ته ڪميونسٽ پارٽي جي اهم اڳواڻ گورباچوف جو خاص ماڻهو ظاهر ڪندي کيس چيو ويو ته ڄام ساقي ماسڪو ۾ اوهان کي ڪجهه ڳالهيون پڇڻ لاءِ گهرايو ويو آهي، اهي ڳالهايون هي هيون ته هن سپريم ڪورٽ آڏو چيو هو ته 5 هزار سال اڳ آئون سنڌي هئس، 25 سالن کان پاڪستاني آهيان.

ناليواري دانشور ۽ ليکڪ احمد سليم چيو ته هو پنجابي آهي، پر رهزن ۽ ظلم ڪندڙ ناهي.

 هن چيو ته ڪتاب لکڻ وقت گهڻي محنت ڪرڻي پئي، نذهت عباس لنڊن مان اسڪائيپ تي ويهي ڄام ساقي کان ڪتاب لکڻ لاءِ مدد ورتي.

هن چيو ته ڄام ساقيءَ تي لکيل هن ڪتاب ۾ کانئنس ڪيتريون ئي ڳالهيون رهجي ويون آهن، پر ٻئين ايڊيشن ۾ هو سهيل سانگيءَ جي مدد وٺي اُنهن کي پورو ڪندو.

 ڪتاب جي ليکڪه نزهت عباس چيو ته هن ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کان گهڻو ئي ڪجهه سکيو آهي، جڏهن ته جنهن حال ۾ ڪامريڊ پنهنجي زندگي گذاري آهي اُن مان تمام گهڻي متاثر ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪتاب جي پڙهندڙن کي پڙهڻ وقت ائين ئي لڳندو ته ڄڻ هي ڪتاب انهن جو ئي آهي. ڄام ساقي تي لکڻ  جو مقصد کاٻي ڌر جي سياست کي قلمبند ڪرڻ آهي.

هن چيو ته ڄام ساقيءَ بابت لکيل هي ڪتاب نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو.

ان موقعي تي سينيئر صحافي سهيل سانگي خطاب ڪندي  چيو ته هو ماضيءَ ۾ جن تڪليفن ۽ اذيتن ۾ گذريا آهن، انهن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.

ڄام ساقيءَ بابت لکيل ڪتاب ۾ اڃان ڪجهه شيون رهجي ويون آهن، جن تي به غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄام ساقي ٿر ۾ جنرل اليڪشن ۾ ٻه ڀيرا حصو ورتو ته کيس گهڻو ڀوڳڻو پيو، جڏهن ته پروچائنا ۽ پروماسڪو اِهي وڏا واقعا آهن، جن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي امداد چانڊئي، نامياري ليکڪ تاج مري ، ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي نياڻي ڊاڪٽر بختاور ڄام، ڀاءُ سلطان جهنجهي، عرفانه ملاح، امر سنڌو، پروفيسر سرفراز خان، ڪامريڊ اسد عابد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 جڏهن ته ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ڪتاب جي ليکڪن احمد سليم ۽ نزهت عباس کي اجرڪن جا تحفا ۽ بُڪ ليٽ پڻ ڏنا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-04-24-18h40m34s248

عوامي آواز: نيوز بليٽن

*پاڪ فوج جي سپهه سالاار جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس *نواز شريف جي موجودگيءَ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي