30 اڱارو , مئي 2017

پاناما جو ڪهڙو به فيصلو اچي ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيندا: مصطفيٰ ڪمال

10ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ملين مارچ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اسانجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ۽ جيڪڏهن حق نه ڏنا ويا ته هو حڪمرانن کي چٿي ڇڏيندا. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حڪومت اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته پاناما جو فيصلو جيڪو به اچي ان سان ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيندا، هن چيو ته جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا هتان وڃڻ وارا ناهيون، پي ايس پي اڳواڻ چيو ته حڪومت اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ته اسان به ملين مارچ ڪري ۽ حق نه ڏيڻ وارن کي چٿي ڇڏينداسين، هن چيو ته ملين مارچ مهينن جو نه بلڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي جنهن جي ڪال جلد ئي ڏيندس. مصطفيٰ ڪمال چيو ته وزيراعظم جي قسمت جو فيصلو سڀاڻي ٿيڻ وارو آحي پر ان سان ڪراچي جو ڪو تعلق ناهي، هن چيو ته ملڪ جي صورت ڪهڙي به هجي اسان جو احتجاج جاري رهندو ڇو جو پاناما جي فيصلي سان ڪراچي جي پاڻي ۽ ڪچري جا مسئلا حل نه ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Matni

پشاور جي علائقي متني ۾ گاڏي تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ): متني ۾ گاڏي فائرنگ جي نتيجي ۾ امن ڪميٽي جا 4 ميمبر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي