25 اڱارو , اپريل 2017

چيمپيئنز ليگ: رونالڊو جي هيٽ ٽرڪ ريال ميڊرڊ کي سيمي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو

realميڊرڊ (اسپورٽس نيوز) چيمپيئنز ليگ فٽبال جي ڪوارٽر فائنل ۾ ريال ميڊرڊ جي ٽيم ڪرسٽيانو رونالڊو جي شاندار هيٽ ٽرڪ عيوض بائرن ميونخ کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي، ميچ ۾ رونالڊو نه رڳو هيٽ ٽرڪ ڪئي پر گولن جي سينچري پڻ مڪمل ڪري ورتي. ميچ جو پهريون هاف بنا نتيجي ختم ٿيو. راند جي 53هين منٽ ۾ ميزبان ٽيم کي ان وقت ڌڪ لڳو، جڏهن بائرن جي ٽيم گول ڪري سرسي حاصل ڪئي پر 76هين منٽ ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. ايندڙ منٽ ۾ بائرن گول ڪري وري سرسي حاصل ڪري ورتي پر راند جي 84هين منٽ ۾ بائرن جي وائيڊل کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو. مقرر وقت ۾ بائرن کي 1-2 جي سرسي ضرور حاصل هئي پر اها سيمي فائنل ۾ وڃڻ لاءِ ناڪافي هئي، جنهن سبب ميچ جو فيصلو اضافي وقت ۾ ٿيو، جنهن ۾ اسٽار رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو ٻه گول ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 112هين منٽ ۾ اسينسيو گول ڪري ريال ميڊرڊ کي 2-4 جي ڪاميابي سان سيمي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan's batsman Younis Khan kisses his helmet after reaching his 10,000th run in Test matches, on day three of the first Test match between West Indies and Pakistan at the Sabina Park in Kingston, Jamaica, on April 23, 2017. 
Khan is the first Pakistani batsman to reach the 10,000th Test run landmark.  / AFP PHOTO / Jewel SAMAD

يونس خان پاڪستان جو 10 هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون ۽ دنيا جو 13 هون بيٽسمين بڻجي ويو

ڪنگسٽن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي بهترين بيٽسمين يونس خان ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي