27 خميس , جولاءِ 2017

ڀارت آءِ سي سي کان بگ ٿري معاملي تي نه ڳالهائڻ جو مطالبو ڪندو

iccنئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کان جون تائين بگ ٿري معاملي تي نه ڳالهائڻ جي مطالبي جي رٿ ڪئي آهي. اهڙو فيصلو بي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. بورڊ جو جوائنٽ سيڪريٽري اميتاڀ چوڌري ڀارتي هلندڙ مهيني آءِ سي سي جي گڏجاڻي ۾ پنهنجو موقف پيش ڪندو. هو آءِ سي سي کي اپيل ڪندو ته بگ ٿري جو مقرر ڪيل رينيو فارمولو جون ۾ شيڊيول ڪائونسل جي سالياني ميٽنگ تائين برقرار رکيو وڃي. چيمپيئنز ٽرافي جي بائيڪاٽ بابت اميتاڀ چوڌري جو بظاهر اهو چوڻ هو ته ان جو جواب ڪو شاعر يا فلاسافر ئي ڏئي سگهي ٿو پر ٻڌايو ويو آهي ته ان بابت غور هلندڙ مهيني آءِ سي سي جي گڏجاڻي جي نتيجي تي ڀاڙي ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي جو نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي تي هڪ ارب فنڊز خرچ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي آرائش ۽ مرمت تي هڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي