30 اڱارو , مئي 2017

فلم ”گارڊينز آف دي گليڪسي: ووليئم 2“ جون نيون جهلڪيون جاري

hollywoodلاس اينجلس (شوبز نيوز) مارول ڪامڪس جي سپر هيروز تي ٻڌل هالي ووڊ جي نئين سائنس فڪشن فلم ”گارڊينز آف دي گليڪسي: ووليئم 2“ جون نيون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن. برطانوي ناول نگار ڊين ايبنيٽ جي ڪتاب تان ورتل جيمز گن جي هدايتڪاريءَ هيٺ ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي اهڙن غير معمولي صلاحيتون رکندڙ سپر هيروز جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪي دشمن قوتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪرندا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن سان ناڪاري طاقتن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندا آهن. فلم جي ڪاسٽ ۾ اداڪار ڪرس پريٽ، سيلوسٽر اسٽيلون، ڪرٽ رسل، زوئي سيلڊانا، ڪيرن گيلن، ڪرس سيليون ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪا 5 مئي تي سئنيما گهرن ۾ ٿرٿلو مچائيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

hollywood

فلم ”پائيريٽس آف دي ڪيريبين“ جو باڪس آفيس تي راڄ

نيويارڪ (شوبز نيوز) نارٿ آمريڪي باڪس آفيس تي سامونڊي ڌاڙيلن قبضو ڪري ورتو آهي. فلم …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي