16 اربع , آگسٽ 2017

آصف زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي ملاقات، رينجرز اختيارن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

09ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ رينجرز اختيارن تي خاص بريفنگ ڏني. تفصيل مطابق اڳوڻي صدر آصف زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ٿي جنهن ۾ سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مراد علي شاهه اڳوڻي صدر کي رينجرز اختيارن جي معاملي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته رينجرز کي خاص اختيار قانوني گهرجون پوريون ڪري پوءِ ڏنا ويندا، ڊي جي رينجرز کان 6 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته رينجرز جي ڪارڪردگي رپورٽ ڪابينه اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ ان تي صلاح مشوري بعد خاص اختيارن جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير اڳوڻي صدر کي آگاهه ڪيو ته رينجرز وٽ آئين جي آرٽيڪل 147 تحت اختيار موجود آهن ۽ اها پوليسنگ جا معاملو سرانجام ڏئي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پيپلز پارٽي جي نئين سياسي حڪمت عملي تيار، فريال ۽ آصفه ڀٽو سنڌ سنڀالينديون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چوننڊن جي لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي