22 منگل , مئی 2018

عوامي آواز : موسمي تبديلي سبب ملڪ متاثر ٿي رهيو آهي: محمود خالد  | پروگرام : سنڌ منظر

گدلاڻ ۽ گرمي سبب ماحوليات سخت متاثر ٿي رهي آهي

برف گهٽ ڪرڻ سبب پاڻي کوٽ ٿي: ع آ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهيون

ڪراچي(رپورٽر) عالمي سطح تي موسمياتي تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، پر ايشيا خاص طور تي اسان جو خطو وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، هندستان پاڪستان ۾ درجي حرارت اڃا وڌيڪ آهي. اهڙو اظهار عوامي آواز جي پروگرام ”سنڌ منظر“ ۾ ماحوليات بابت نڪرندڙ رسالي ”فروزان“ جي ايڊيٽر محمود عالم خالد ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته موسمي تبديلين جي ڪري اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي، وڻن جو ڪٽجڻ، دونهون، ماحولياتي گدلاڻ، موسم ۽ ماحول جي خرابي جو سبب آهي، فيبروري مارچ ۾ اسڪردو پهاڙي علائقن ۾ برفباري ڪري وقت تي درياهن ۾ پاڻي نه اچي سگهيو، جنهن ڪري خريف جو فصل به متاثر ٿيندو. هن چيو ته وڌ کان وڌ وڻ پوکي ماحول کي گرم ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Thatta: The meeting was summarized on the avoidance of heat cooling under the ECDC

نيوز: ٺٽو: اي ڊي سي ون جي صدارت هيٺ گرمي جي لهر کان بچڻ بابت اجلاس ڪوٺايو ويو

ٺٽي ۾ انتظاميا پاران سخت گرمي جي لهر کان بچڻ لاءِ انتظامين جي جائزي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے