30 اڱارو , مئي 2017

ايران تان هٽايل پابندين جو نئين سر جائزو وٺنداسين: آمريڪي پرڏيهي وزير

Rex Tilersonواشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا ايران خلاف ختم ڪيل پابندين جو نئين سر جائزو وٺندي، هن چيو ته ايران صدر اوباما جي دور ۾ طئي ٿيل ايٽمي معاهدي تحت پنهنجون سموريون ذميداريون پوريون ڪيون آهن، تنهن ڪري ڊونلڊ ٽرمپ ٻه سال اڳ ايران تان هٽايل پابندين جي آمريڪا جي قومي مفاد ۾ هئڻ يا نه هئڻ بابت جائزي جو حڪم ڏنو آهي، اهو جائزو ڪيترن آمريڪي ادارن طرفان ورتو ويندو ۽ ان عمل جي قيادت نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل ڪندي، ٽلرسن آمريڪي ڪانگريس کي لکيل هڪ خط ۾ ايران جي دهشتگردي جي رياستي پٺڀرائي جي ڪردار تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Palestine

فلسطين ۾ رمضان المبارڪ دوران طلاقن تي پابندي لاڳو

يروشلم (ويب ڊيسڪ): فلسطين ۾ رمضان المبارڪ دوران طلاقن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي