21 منگل , نومبر 2017

پاناما فيصلو ملڪ لاءِ سٺو ثابت ٿيندو: خالد مقبول صديقي

Khalid maqboolاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اميد آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو ملڪ جي مستقبل لاءِ سٺو ثابت ٿيندو، پاناما ڪيس جي فيصلي بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، پارٽي قيادت ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ گڏجاڻي ڪئي ۽ پاناما ڪيس جي فيصلي کانپوءِ واري حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو، اسلام آباد پارليامينٽ لاجز ۾ متحده جي قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرز جي هنگامي اجلاس جي صدارت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ڪئي، ڪراچي ۾ بهادر آباد ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي رابطا ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ڪئي، اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن سميت صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به شريڪ ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے