28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

موجوده بجلي بحران تي 8 کان 10 ڏينهن ۾ ضابطو آندو ويندو: خواجه آصف

08اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي جي وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته اوچتو گرمي پد وڌڻ سبب بجلي جي گهرج ۾ اضافو ٿي ويو پر ان بحران تي 8 کان 10 ڏينهن اندر ضابطو آڻي وٺندا. ملڪ ۾ جاري موجوده بجلي بحران جي حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته اوچتو گرمي پد وڌڻ سبب بجلي جي گهرج ۾ اضافو ٿيو، جنهن سبب بجلي جي گهرج ۾ گذريل اپريل جي مقابلي ۾ 2700 ميگاواٽ اضافو ٿيو، سندس چوڻ هو ته 10 کان 15 ڏينهن ۾ بجلي بحران پيدا ٿيو آهي، ان عارضي بحران تي ايندڙ 10 ڏينهن اندر ضابطو آڻيندا، هن چيو ته سڀاڻي کان بجلي جي فراهمي ۾ بهتر اچڻ شروع ٿيندي، هن چيو ته پهرين مئي کان غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shehbaz sharif

”هڪ چالاڪ، ٻيو ڪوڙو“ شهباز شريف جي آصف زرداري ۽ عمران خان تي ڇتي تنقيد

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي وڏي وزير ايوان اقبال ۾ ليپ ٽاپ جي ورهاست واري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي